75

ٺڪراٺو: چانھ جي ڊيلر کان 8 لک روپيا ۽ موبائيل فون ڦر، پوليس جاچ جاري

ٺڪراٺوکان خانپور مھر ويندڙ مسافر وين مان نامعلوم ڦورن چانھ (وائٽل) جي ڊيلر مهراج نند لعل کي يرغمال بڻائي مبينا 8 لک روپيا روڪ رقم ۽ موبائيل فون ڦر ڪري فرار ٿي ويا ڦر واقعي جي اطلاع تي مبارڪپور پوليس جاء واردات واري ھنڌ پھچي ڪري خانپور مھر واسي متاثر چانھ جي ڊيلر مهراج نند لعل کان تفصيل ورتا جنهن ٻڌايو ته روزانو خانپور مھر کان ٺڪراٺو شاھپور مھر مبارڪپور ۽ ٻين شھرن ۾ چانھ وڪرو ڪرڻ ايندو آهيان اڄ به معمول موجب چانھ سيل ڪري ريڪوري ڪري مسافر وين ذريعي خانپور مھر واپس وڃي رھيو ھئس ته مسافرن جي روپ ۾ ويٺل ڦورن شھر ٻاهران نئين بائي پاس وٽ هٿيارن جي زور تي ڊرائيور کي وين بيهاري ان ۾ ويٺلن پسينجرز سميت مونکي يرغمال بڻائي مونکان روڪ رقم 8 لک روپيه ۽ موبائيل فون ڦر ڪيا ويگن ۾ ٻين ويٺل مسافرن مان هڪ مسافر ڦورن کي چيو ته ويگن مهر سردارن جي آهي اوهين ڦر نه ڪريو جنهنتي ڦورن جواب ڏنو ته اسانکي صرف ديوان کان ڦر ڪرڻي آهي جنهن بعد هو ڦر ڪري ويگن پٺيان ايندڙ موٽر سائيڪل تي چڙهي فرار ٿي ويا متاثر ٻڌايو ته مون اھڙو اطلاع مبارڪپور پوليس کي ڏنو جنھن پھچي تفصيل ورتا متاثر نئين آيل ايس ايس پي سکر کان ڦر ٿيل رقم جي واپسي جو مطالبو ڪيو آھي ٻي پاسي مبارڪپور پوليس رابطي تي ٻڌايو ته جا۽ واردات تي پھتا آھيون وڌيڪ جاچ ڪري رھيا آھيون.

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو