ٺل ڀرسان پراڻي تڪرار تان نامعلوم هٿياربندن جي فائرنگ، نوجوان مارجي ويو

ٺل ڀرسان  رهبر چوڪ تي نامعلوم موٽر سائيڪل هٿياربندن جي فائرنگ ۾ قتل ٿي ويو آهي. رهبر چوڪ تي نامعلوم موٽر سائيڪل سوار هٿياربندن ڪورٽ مان پيشي کان پوءِ واپس ويندڙ نوجوان تي هٿيارن جا منهن کولي ڇڏيا جنهن جي نتيجي ۾ نوجوان ٿڏي تي قتل ٿي ويو. نوجوان کي قتل ڪرڻ بعد نامعلوم موٽر سائيڪل سوار فرار ٿي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا. بعد ۾ نوجوان جو لاش اسپتال منتقل ڪيو ويو. قتل ٿي ويل نوجوان جي سڃاڻپ نواب بنگلاڻي طور ڪئِ وئي آهي. پوليس موجب نوجوان ڪشمور ضلعي جي ڳوٺ گلزار ڀنگوار جو رهواسي آهي.  جيڪو ڪورٽ ۾ حاضري تي آيو ھو جتي کيس هٿياربندن گوليون جو نشانو بنائي قتل ڪري ڇڏيو