وفاقي سرڪار سڀاڻي سڄي ملڪ ۾ عام موڪل جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي جنهن جو نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو آهي. ڪابينه ڊويزن سڀاڻي جي سرڪاري موڪل جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي. ڪيبينيٽ ڊويزن سيڪريٽريٽ مان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته سڀاڻي 5 فيبروري 2025ع اربع جي ڏينهن يوم ڪشمير جي موقعي تي سڄي ملڪ ۾ عام موڪل هوندي ۽ سموريون سرڪاري آفيسون بند رهنديون. نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته انهي موقعي تي سڄي ملڪ ۾ ڪشمير ۾ شهيد ٿيلن کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ جي لاءِ هڪ منٽ جي خاموشي به اختيار ڪئي ويندي. انهي کان علاوه اسٽيٽ بينڪ آف پاڪستان طرفان جاري ڪيل پڌرائي ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته پاڪستان جي طرفان ڪيل اعلان موجب اربع 5 فيبروري 2025 يوم ڪشمير جي موقعي تي عام موڪل جي اعلان کان پوءِ اسٽيٽ بينڪ جون سموريون آفيسون بند رهنديون. انهي کان علاوه يوم يڪجهتي ڪشمير جي موقعي تي راولپنڊي جي ماتحت عدالتن ۾ به عام موڪل هوندي. سڀاڻي سيشن، سول، فيملي عدالتون، هاءِ ڪورٽ ۾ سڀاڻي 5 فيبروري تي موڪل هوندي. ياد رهي ته وفاقي حڪومت سال جي شروعات ۾ سموري سال جي موڪلن جو ڪلينڊر جاري ڪيو آهي جنهن موجب 5 فيبروري تي وفاقي موڪل هوندي جنهن سبب سڄي ملڪ جا سرڪاري ۽ نيم سرڪاري ادارا به بند رهندا. انهي سان گڏوگڏ ڪشميرين سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ سموري ملڪ جا تعليمي ادارا ۽ بازارون به بند رهنديون. ياد رهي ته انهي سلسلي ۾ گذريل هفتي سنڌ حڪومت به پنج فيبروري تي عام موڪل جو اعلان ڪيو هو. سنڌ حڪومت طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو هو ته پنج فيبروري تي يوم يڪجهتي ڪشمير جي موقعي تي سڄي ملڪ جيان سنڌ ۾ به عام موڪل هوندي. سنڌ ۾ سرڪاري ۽ نيم سرڪاري ادارا به بند رهندا.