ٺڪراٺو(رپورٽ) ٿاڻو مبارڪپور جي حد ڳوٺ ڳاڙھو دڙو مان ڳوٺاڻي محمد يونس مھر جي گھر کي چئن نامعلوم چورن کاٽ ھڻي سمورو چوپايو مال جنهن ۾ هڪ مينهن هڪ ڳئون هڪ گابو ۽ هڪ پاڏو چوري ڪري فرار ٿي ويا چوري جي واردات کانپو۽ ڳوٺاڻن ۽ مبارڪپور پوليس کوجي ڪتن ذريعي پيرا کڻايا جيڪي پيرا ڳوٺ ستار ملڪ ۾ سائين بخش ملڪ جي گھر ۾ پيا جتان پوليس گھرڌڻي سائين بخش ملڪ سميت سندس پٽ لياقت ملڪ کي گرفتار ڪري ورتو آھي مبارڪپور پوليس رابطي تي ٻڌايو آھي ته گذريل رات دير سان نامعلوم چورن يونس مھر جي گھر کي کاٽ ھڻي چوپايو مال چوري ڪري فرار ٿي ويا ھئا ڳوٺاڻن سان گڏجي کوجي ڪتن ذريعي پيرا کڻايا ويا جيڪي ڳوٺ ستار ملڪ ۾ واقع سائين بخش ملڪ جي گھر ۾ پيا آھن جتان ٻن ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو آھي پوليس ٻڌايو ته پيرا کڻائڻ دوران مختلف جڳھن تي ڪجھ چوپايو مال چور ڇڏي ويا آھن وڌيڪ جاچ ڪري رھيا آھيون.