سنڌ ۾ امن امان جي بحالي لاءِ قومپرست اڳواڻن جي پريس ڪلب آڏو احتجاجي ريلي، سنڌو درياءَ تي ڪئنال منصوبي خلاف نعريبازي

 سنڌ ۾ ڌاڙيل گردي جي خلاف ۽ امن امان جي بحالي لاءِ جيئي سنڌ محاذ جي چيئرمين رياض علي چانڊيو، جسقم SB جي چيف آرگنائيزر ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، سنڌ يونائيٽڊ پارٽي جي سينئر نائب صدر روشن ٻرڙو، جيئي سنڌ قومي پارٽيءَ جي چيئرمين نواز خان زنئور، ﻗﻮﻣﻲ عوامي تحريڪ جي ضلعي صدر نظير بليدي، پي پي شهيد ڀٽو جي زين کوسو، پنهل جمالي، پنهل ساريو، مصطفي عمراڻي ۽ ٻين ڪارڪنن شرڪت ڪئي. ريلي کي خطاب ڪندي جيئي سنڌ محاذ جي چيئرمين رياض علي چانڊيو چيو ته پنجاب غير قانوني ڪئنال ڪڍي سنڌ کي ڀڙڀناگ ڪري ٿو پ پ ۽ طاقتور اسٽيبلشمينٽ ڦر مار جي ڌنڌي ۾ ملوث آهي اهڙي صورتحال ۾ ڪراچي کان ڪشمور تائين سنڌ ۾ هٿرادو امن جو خاتمو ڪيو ويو آهي ڌاڙيل جنرل ضياءَ جي دور ۾ به سنڌ مٿان حملي آور ٿيا هئا پي پي جو دور جيڪو ضياء آمريت ۽ لاقانونيت جو ڊيڄاريندڙ دور آهي انهي لاءِ ان دور ۾ به ڌاڙيل انڊسٽري کي تيز ڪيو ويو آھي ٻار اغوا ڪرڻ واپاري اغوا ٿيڻ ماسٽر ماريا وڃن ڪچي ۽ پڪي ۾ ٽارچر سيل هالن سنڌ امن امان جي نالي کربين روپيه پوليس ۽ رينجرز جو ڀتو ڀري پوليس ۽ رينجرس تي پئسا خرچ ٿين ٿا جيئن امن امان بحال ٿئي. تعليم صحت وڌيڪ امن امان تي بجيٽ خرچ ٿي سنڌ ۾ سر عام ڌاڙيل راڄ آهي شام ٿي ماڻهون گهرن ۾ قيد ٿيو وڃن روڊ رستا ويران ٿي وڃن ٿا تعليم تباھ آهي روزگار جا دروازا بند آهن ماڻهون ساه ء زندگيون بچائڻ لاءِ سج لٿي کان پهرين گهرن ۾قيد ٿيو وڃن. سنڌ جي ماڻهن مٿان خوف طاري آهي اسان هن سرڪاري سرپرستي ۾ ھلندڙ ڌاڙيل راڄ جي مذمت ڪريون ٿا. قومپرست اڳواڻن چيو ته توھان سياسي ڪارڪنن جي جبري گمشدگي ڪريو ٿا اسان کي گهرن مان کڻي تشدد جو نشانو بنايو وڃي ٿو. ڌاڙيل ٻڌڻ توھان جي ايجنڊا ۾ ناهي سرڪار جي منظم رٿا سڄي دنيا ڏسي پئي ته ڌاڙيل راڄ جي پٺيان ملڪي اسٽبلشمينٽ آهي هي جيڪا ڪرپشن آهي زرداري جي پويان اسٽبلشمينٽ آهي درياءَ تي ڌاڙي جي پٺيان پنجاب ملوث آهي. هي جيڪا بک غربت آهي ان جي پٺيان به اسٽبلشمينٽ جو سايو، سرپرستي، رٿا آهي. اسان ان رٿا کي ڪراچي کان ڪشمور تائين وائکو ڪيو آهي جيڪڏهن توهان سنڌ درياءَ مٿان ڪئنال ٺاهڻ جي رٿا تان هٿ نه کڻندو ته سنڌ جي عوام اوهان سان مزاحمت ڪندي. ڦر مار جي خلاف سنڌ جي ماڻهن جو شعور ۽ قومي ٻڌي ملڪ سان جيڪا محبت آهي اھا پنجاب جي ظلم ۽ پ پ جي بدمعاشي کي وائکو ڪندي رهندي.