ملير: ناليواري ليکڪ دلبر بروهي جي ڪتاب”تاريخ جو عڪس“ جي مهورتي تقريب ٿي گذري

 ناليواري ليکڪ دلبر بروهي جي ڪتاب ”تاريخ جو عڪس“ جي ملير ۾ مهورت تقريب، تقريب ۾ سنڌ ۽ بلوچستان سان تعلق رکندڙ ناليوارن ليکڪ، اديب، قلمڪار ۽ سياسي سماجي شخصيتن شرڪت ڪئي. تقريب ۾ ڳالهائيندي مدد علي سنڌي ۽ ايم اين اي عبدالحڪيم بلوچ ڳالهائيندي چيو ته  ”تاريخ جو عڪس“ جي ليکڪ دلبر بروهي سنڌ ۽ هند جي تاريخ کي پنهنجي لکڻين کي ڪتاب جي شڪل ڏئي نوجوان نسل کي تاريخ سان شناسائي جو هڪ شاندار تحفو ڏنو آهي: ملير جي علائقي ڪوهي ڳوٺ ۾ ڊسٽرڪٽ پريس ڪلب ملير، سنڌي ادبي سنگت ڪوهي ڳوٺ ۽ گسٽا پاران اديب، ليکڪ دلبر بروهي جو لکيل ڪتاب ”تاريخ جو عڪس“ جي مهورت تقريب ٿي گذري تقريب ۾ سنڌ ۽ بلوچستان جي ناليوارن اديبن، شاعرن، ليکڪن، قلمڪارن، سياسي ۽ سماجي شخصيتن پڻ شرڪت ڪئي، تقريب جو مهمان خاص اڳوڻو وفاقي وزير مدد علي سنڌي، ايم اين اي عبدالحڪيم بلوچ، وڏي وزير جي معاون خصوصي ايم پي اي محمد سليم بلوچ، بلوچستان سان تعلق رکندڙ اڳوڻو ايم اين اي عبدالرئوف مينگل، اديب قاضي خادم، قادر بخش ڪلمتي، ڊسٽرڪٽ پريس ڪلب ملير جو صدر حنيف سومرو، جسقم اڳواڻ الاهي بخش بڪڪ، رفيق ڪانڌڙو، آغا طارق پٺاڻ، مهرالنساءَ، امتياز دانش سميت ٻين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ناليواري ليکڪ ۽ اديب مدد علي سنڌي خطاب ڪندي  چيو ته دلبر بروهي پنهنجي ڪتاب ”تاريخ جو عڪس“ ۾ سنڌ ۽ هند جي تاريخ بهترين نموني سان لکي آهي، هن ڪتاب تاريخ جي ڪتابن ۾ هڪ اهم اضافو ڪيو آهي هن ڪتاب پڙهڻ سان نوجوان نسل کي سنڌ ۽ هند جي گڏيل تاريخ جي ڄاڻ ملندي، دلبر بروهي تاريخ لاءِ سٺو ڪتاب ڏنو آهي، ان موقعي تي بلوچستان نيشنل پارٽي جي اڳوڻي ايم اين اي عبدالرئوف مينگل چيو ته سنڌ ۽ بلوچستان جو صدين جو رشتو آهي سنڌ جي اديبن پنهنجي ٻولي کي قائم رکيو آهي سنڌ ۽ بلوچستان جا ماڻهو پنهنجي حقن لاءِ احتجاج ڪندا آهن ته ان کي حڪومت سندن آواز کي دٻائي ڇڏيندي آهي، هن چيو ته ڪراچي سنڌ جو حصو آهي ۽ رهندو سنڌين ۽ بلوچن جو شهر آهي، هن چيو ته ڪراچي جي بلوچن کي گهرجي ته هو پنهنجي سنڌي ڌرتي سان محبت ڪن ۽ انهن جي حقن لاءِ جاکوڙين.  ايم اين اي عبدالحڪيم بلوچ چيو ته دلبر بروهي ”تاريخ جو عڪس“ ڪتاب لکي هند سنڌ جي هڪ تاريخ لکي آهي جنهن جي مطالعي سان هند سنڌ جي ماضي ۽ ان وقت جي حڪمرانن ظالمن، جابرن جي ڄاڻ ملي ٿي، وڏي وزير جي معاون خصوصي ايم پي اي محمد سليم بلوچ  چيو ته سنڌ ۽ هند جي صدين جي تاريخ کي دلبر بروهي ڪتابي شڪل ڏئي اسان جي نوجوان نسل کي سنڌ ۽ هند جي ڄاڻ ڏني آهي ته سنڌ اڳ ۾ ڇا هئي ۽ هينئر ڇا آهي، سنڌ جي ماڻهن جي مرضي خلاف ڪڏهن به ڪو به فيصلو نه ڪنداسين سنڌو درياهه تي ڪئنالن جي پيپلزپارٽي حڪومت سخت مخالفت ڪئي آهي ۽ وفاقي حڪومت کي واضح ڪيو آهي ته اهي 6 ڪئنال سنڌ جي زراعت تي هڪ وار آهن ڪئنال ٺهڻ سان سنڌ تباهه ٿي ويندي جنهن کي سنڌ جي عوام ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪندي.  تقريب کي ڊسٽرڪٽ پريس ڪلب ملير جي صدر حنيف سومرو خطاب ڪندي چيو ته اسان کي اعزاز آهي ته ملير پريس ڪلب جي سينيئر صحافي، ليکڪ دوست دلبر بروهي تاريخ جهڙي ڏکي موضوع تي ڪتاب ترتيب ڏنو آهي جنهن ۾ سنڌ جي تاريخ تي روشني وڌي آهي، دلبر بروهي جي ڪتاب جي مهورتي تقريب پريس ڪلب ملير ۾ منعقد ڪرڻ چاهي پئي پر ليکڪ دوست دلبر بروهي پنهنجي ڪتاب جي مهورتي تقريب پنهنجي ڳوٺ ڪوهي ڳوٺ ۾ ڪرائڻ لاءِ زور ڀريو ڇاڪاڻ ته سندس خيال آهي ته ڳوٺ جي نوجوان نسل اهڙين مهورتي تقريب ۾ شرڪت ڪري تاريخ سمجهي سگهن. ان موقعي تي دلبر بروهي مهورت ۾ آيل سمورن مهمانن جو شڪريو ادا ڪيو ۽ چيو ته مون سنڌ ۽ هند جي تاريخ لکڻ جي ننڍڙي ڪوشش ڪئي آهي اميد ڪيان ٿو ته سنڌ جا ماڻهو منهنجو ڪتاب پڙهي پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندا.