کراچی ۾ سردي جي لهر، محڪمه موسميات جي اهم پيش گوئي

تفصيلن مطابق، محڪمه موسميات کراچی جي موسم بابت چيو آهي ته شهراعظم ۾ موسم سرد ۽ خشڪ آهي، جتي گهٽ ۾ گهٽ درجا حرارت 12 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو آهي. ان کان علاوه، اڄ رات گهٽ ۾ گهٽ درجا حرارت 12 کان 14 ڊگري تائين رهڻ جو امڪان آهي. محڪمه موسميات موجب، وڌ ۾ وڌ درجا حرارت 29 ڊگري سينٽي گريڊ تائين وڃڻ جو امڪان آهي، ۽ شمال مشرق سمت کان 8 ڪلوميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان هوا به وگهي رهي آهي. موسمي ماهرن 9 فروري کان درجا حرارت ۾ اضافي جو امڪان ظاهر ڪيو آهي. ٻئي طرف، بالائي علائقن ۽ بلوچستان ۾ شديد سردي بدستور جاري آهي، جتي درجا حرارت نقطه انجماد کان هيٺ آهي. زيارت ۾ درجا حرارت منفي 7، قلات ۽ ڪوئٽه ۾ منفي 6، استور، ڪالام ۽ اسکردو ۾ منفي 4، مالَم جبہ، هُنزہ ۾ منفي 3 ۽ دير ۽ راولاکوٹ ۾ منفي 2 رڪارڊ ڪيو ويو آهي.