ڪراچي ۾ تجاوزات جي خلاف گرينڊ آپريشن ڪرڻ جو فيصلو

تفصيلن مطابق، وزيرِ بلديات سنڌ سعيد غني جي زير صدارت سهراب گوٿ ٽائون ۾ درپيش مسئلن بابت اجلاس ٿيو، جنهن ۾ تجاوزات، برساتي نالن سميت ٻين مسئلن بابت تفصيل سان ڳالهايو ويو. اجلاس ۾ ايڊشنل چيف سيڪريٽري سنڌ سيد خالد حيدر شاه، ٽائون چيئرمين لاله رحيم، ڊپٽي ڪمشنر ۽ ٻين لاڳاپيل حڪام شرڪت ڪئي. سعيد غني چيو ته علائقي جي عوام کي رليف فراهم ڪرڻ لاءِ لاحيه عمل ترتيب ڏنو وڃي، ڊي سي ايسٽ ٽائون انتظاميه ۽ پوليس جي مدد سان لاحيه عمل مرتب ڪيو وڃي. برساتي نالن ۽ سيوڙيج جي حوالي سان ٽائون انتظاميه کي قدمن کي يقيني بڻائڻ جو چيو. سعيد غني جو چوڻ هو ته جيڪڏهن ڪنهن هنڌ سنڌ حڪومت جي مدد جي ضرورت پئي ته فراهم ڪئي ويندي، ۽ سڀني ٽائونز ۾ تجاوزات خاتمي ۽ نڪاسي نظام کي درست ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. تجاوزات خاتمي لاءِ سڀني اسٽيڪ هولڊرز کي آن بورڊ کڻي جلد ڪراچي ۾ تجاوزات خلاف گرينڊ آپريشن شروع ڪيو ويندو.