تفصيلن مطابق، سپارڪو جي انجنيئرز جو ڪارنامو سامهون آيو آهي، جنهن ۾ پاڪستان جو مقامي طور تي تيار ڪيل قمري روور خلائي تحقيق ۾ نئون سنگ ميل ثابت ٿيندو. سپارڪو جو قمري روور چاند جي زمين تي اترڻ لاءِ تيار آهي، جيڪو چاند جي جنوبي قطب تي سائنسي تحقيق ڪندو. چاند جي سطح جي مٽي جي جانچ ۽ وسيلن جي تلاش لاءِ تيار ٿيل روور جديد سائنسي آلات سان ليس هوندو. سپارڪو قمري روور کي پاڪستاني سائنسدان زمين تان ڪنٽرول ڪندا. 35 ڪلوگرام وزني روور چاند جي سطح تي جديد نقشه سازي ۽ تحقيق ڪندو. پاڪستان جي خلائي مشن تحت هي روور چاند تي نيون ٽيڪنالاجيون جانچڻ لاءِ روانو ڪيو ويندو ۽ چاند تي مستقبل جي مشنز ۽ انساني موجودگي جي امڪانن جو تجزيو ڪندو. هي روور چين جي خلائي مشن “چينگ 8” ۾ شموليت کانپوءِ عالمي خلائي تحقيق جو حصو بڻجي ويندو ۽ سال 2028 ۾ چين جي “چينگ 8” مشن ذريعي چاند تي روانو ٿيندو، جتي اهو چاند تي تحقيق ۽ وسيلن جي تجزئي ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو.