) پرڏيهي وزارت طرفان اسٽينڊنگ ڪميٽي کي ڏنل بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ليبيا ٻيڙي حادثي ۾ ٻڏي ويل 73 مان 63 پاڪستاني هئا جن مان ڪيترائي فوت ٿي ويا آهن. سينيٽ جي پرڏيهي معاملن واري اسٽينڊنگ ڪميٽي کي ڏنل بريفنگ ۾ پرڏيهي وزارت جي اختيارين ٻڌايو ته ليبيا ۾ ٻيڙي حادثو 8 فيبروري تي پيش آيو جنهن ۾ 73 ڄڻن جي سوار ٿيڻ جون رپورٽون آهن. حادثي ۾ 2 پاڪستاني شهري زنده بچي ويا، جن اطلاع ڏني ته 63 پاڪستاني ۽ 10 بنگلاديشي ٻيڙي ۾ سوار هئا، ٻيڙي ۾ سوار ماڻهن جي اڪثريت فوت ٿي چڪي آهي فوت ٿي ويل پاڪستانين جي اڪثريت جو تعلق ضلع ڪرم ۽ باجوڙ جي قبائلي ضلعن سان آهي.