پريالوءِ لڳ گورمينٽ بوائز پرائمري اسڪول اوڍا بنيادي سهولتن کان محروم

ڳوٺ قائم الدين اوڍو ۾ قائم گورمينٽ بوائز پرائمري اسڪول بنيادي سهولتن کان محروم آهي، جتي شاگردن کي تعليم حاصل ڪرڻ ۾ سخت مشڪلاتن جو منهن ڏسڻو پوي ٿو. اسڪول ۾ فرنيچر جي شديد کوٽ آهي، جنهن سبب شاگرد فرش تي ويهي تعليم حاصل ڪرڻ تي مجبور آهن. ان کان علاوه، واشروم جي غير موجودگي ۽ صاف پاڻي جي عدم دستيابي شاگردن لاءِ وڌيڪ مشڪلاتون پيدا ڪري رهيون آهن. مقامي ماڻهن جو چوڻ آهي ته لاڳاپيل اختيارين کي ڪيترائي ڀيرا شڪايتون ڪيون ويون آهن، پر اڃا تائين ڪا به ڪارروائي نه ٿي سگهي آهي. اسڪول ۾ سهولتن جي اڻاٺ سبب والدين پريشان آهن ۽ ڪيترائي شاگردن کي اسڪول ڇڏڻ تي مجبور ٿي رهيا آهن. مقامي عوام ۽ والدين حڪومت کان مطالبو ڪيو آهي ته اسڪول جي بنيادي سهولتن کي فوري طور تي فراهم ڪيو وڃي ته جيئن شاگردن جو تعليمي مستقبل محفوظ ٿي سگهي