تفصيلات موجب، حضرت لعل شهباز قلندر جي عرس تي پنجاب کان سيوهڻ شريف ويندڙ زائرين جي بس راني پور ويجهو گڊيجي جي مقام تي ڊرائيور جي ڪنٽرول مان نڪري ڪري تباهه ٿي وئي. المناڪ حادثي ۾ 11 زائرين فوت ٿي ويا، جڏهن ته 36 کان وڌيڪ عورتون، مرد ۽ ٻارڙا زخمي ٿي پيا. حادثي جي اطلاع تي پوليس، رينجرز ۽ ريسڪيو ادارا واقعي واري هنڌ پهچي ويا، جن لاشون ۽ زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو. حادثي جي اطلاع تي ڪمشنر سکر جي هدايت تي ضلعي جي سمورن اسپتالن ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي. سڀئي زخمي، گمس ۽ سول اسپتال خيرپور ۾ علاج هيٺ آهن، جڏهن ته ڪجهه زخمين جي حالت نازڪ ٻڌائي پئي وڃي. حادثي جي شروعاتي اطلاع رينجرز ڪانوائي ڪمانڊر ريسڪيو ۽ پوليس کي ڏني، جڏھن ته حادثي جي وقت رينجرز ڪانوائي واقعي واري هنڌ کان گذري رهيو هو، جنهن جي وڏي نفري ريسڪيو ڪمن ۾ حصو ورتو. ڊپٽي ڪمشنر خيرپور سيد فواد احمد موجب، زائرين جي بس کي حادثو تيز رفتاري سبب پيش آيو.