سنڌ حڪومت لعل شهباز قلندر جي عرس تي عام موڪل جو اعلان ڪري ڇڏيو

سنڌ حڪومت 19 فيبروري تي حضرت لعل شهباز قلندر جي عرس تي عام موڪل جو اعلان ڪري ڇڏيو. جاري ڪيل نوٽيفڪيشن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته عام موڪل جو اعلان 19 فيبروري تي حضرت لعل شهباز قلندر جي عرس تي ڪيو ويو آهي، 19 فيبروري تي سموريون سرڪاري ۽ نيم سرڪاري آفيسون بند رهنديون. حضرت لعل شهباز قلندر جو 77هون عرس عقيدت ۽ احترام سان ملهايو ويندو، لعل شهباز قلندر جو ساليانو عرس 17 فيبروري کان شروع ٿيندو. عرس ۾ شرڪت جي لاءِ زائرين جي پهچڻ جو سلسلو ڪيترائي ڏينهن اڳ شروع ٿي ويو، زائرين ۾ مرد، عورتون، پوڙها، ٻار شامل آهن جن ڌمال هڻندي مزار جو رخ ڪيو. عرس جي موقعي تي سيڪيورٽي جا سخت انتظام ڪيا ويا آهن جنهن جي ڪري مزار ۾ داخلا جي لاءِ ماڻهن جون ڊگهيون قطارون نظر اچي رهيون آهن. لعل شهباز جي مزار تي هر شام ڌمال هنئي ويندي آهي جيڪا مولانا رومي جي درويشن جي ياد ڏياريندي آهي.