خيبرپختونخواهه ۾ سيڪيورٽي فورسز جا 2 مختلف آپريشن، 15 خارجي دهشتگرد مارجي ويا، ليفٽيننٽ سميت 4 جوان شهيد

 سيڪيورٽي فورسز جي خيبرپختونخواهه ۾ 2 مختلف آپريشنن دوران 15 خارجي دهشتگرد مارجي ويا، فائرنگ جي ڏي وٺ دوران ليفٽيننٽ محمد حسان اشرف سميت 4 جوان شهيد ٿي ويا. آءِ ايس پي آر موجب ڊيره اسماعيل خان جي علائقي بتهاله ۾ انٽيليجنس بنيادن تي آپريشن ڪيو ويو جنهن ۾ 9 خارجي دهشتگرد مارجي ويا آهن. اتر وزيرستان جي علائقي ميران شاهه ۾ آپريشن دوران 6 خارجي دهشتگرد مارجي ويا. علائقي ۾ امڪاني دهشتگردن جي خاتمي لاءِ ڪليئرنس آپريشن جاري آهي مارجي ويل دهشتگرد مختلف دهشتگردي جي ڪارروائين ۾ ملوث ۽ انتهائي گهربل هئا. وزيراعظم شهباز شهباز خيبرپختونخواهه ۾ خارجي دهشتگردن جي خلاف ڪامياب آپريشن تي سيڪيورٽي فورسز کي شاباس ڏني، هن 15 خارجي دهشتگردن جي مارجي وڃڻ تي آفيسرن ۽ اهلڪارن جي پيشوارانه صلاحيتن جي تعريف پڻ ڪئي. وزيراعظم شهيد ليفٽيننٽ محمد حسان اشرف ۽ شهيد نائب صوبيدار محمد بلال کي خراج عقيدت پيش ڪيو. هن شهيد سپاهي فرحت الله ۽ شهيد سپاهي همت خان کي به خراج عقيدت پيش ڪيو. شهباز شريف شهيدن جا بلند درجا ۽ انهن جي گهر ڀاتين لاءِ صبر جي دعا ڪندي چيو ته مون سميت پوري قوم کي پنهنجن شهيدن ۽ انهن جي گهر ڀاتين تي فخر آهي. دهشتگردي جي ملڪ مان مڪمل خاتمي تائين جنگ جاري رهندي، دهشتگردن کي ملڪ جو امن خراب ڪرڻ جي ناپاڪ ارادن کي ڪامياب ٿيڻ نه ڏينداسين. پاڪ فوج جا آفيسر ۽ جوان پنهنجي حياتين جي پرواهه نه ڪرڻ کان سواءِ ملڪ جي حفاظت لاءِ ڏينهن رات مصروف آهن. پاڪستاني قوم پنهنجي بهادر فوج جي ملڪ جي حفاظت لاءِ سندن قرباني کي سلام پيش ڪري ٿي.