وفاقي سرڪار پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ لاٿ جو اعلان ڪري ڇڏيو، نوٽيفڪيشن جاري

وفاقي سرڪار ايندڙ 15 ڏينهن جي لاءِ پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ گهٽتائي جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي جنهن جو نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو آهي. وفاقي سرڪار پاران پيٽرول جي قيمت ۾ 1 روپيه في ليٽر گهٽتائي ڪئي وئي آهي. پيٽرول جي نئين قيمت 256 روپيه 13 پئسا في ليٽر مقرر ڪئي وئي آهي. هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي قيمت ۾ 4 روپيه في ليٽر گهٽتائي ڪئي وئي آهي، هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي نئين قيمت 263 روپيه 95 پئسا في ليٽر مقرر ڪئي وئي آهي. لائٽ ڊيزل آئل جي قيمت ۾ 5 روپيه 25 پئسا في ليٽر گهٽتائي جو اعلان ڪيو ويو آهي. لائٽ ڊيزل آئل جي نئين قيمت 155 روپيه 81 پئسا في ليٽر مقرر ڪئي وئي آهي. گاسليٽ جي قيمت ۾ 3 روپيه 20 پئسا في ليٽر گهٽتائي ڪئي وئي آهي. گاسليٽ جي نئين قيمت 171 روپيه 65 پئسا في ليٽر مقرر ڪئي وئي آهي. وفاقي ناڻي واري وزارت طرفان پيٽروليم شين جي نئين قيمتن جو نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو آهي. پيٽروليم شين جون نيون قيمتون ڪالهه رات 12 وڳي کان پوءِ لاڳو ٿي ويون هيون.