گهر ۾ باهه لڳڻ سبب سڙي فوت ٿي ويل سنڌ جو مشهور مزاحمتي شاعر ڊاڪٽر آڪاش انصاري جي ڪيس ۾ اهم اڳڀرائي سامهون اچي وئي آهي. پوليس موجب ڊاڪٽر آڪاش انصاري جي پاليل پٽ لطيف آڪاش چيو هو ته باهه لڳڻ جو واقعو صبح ساڍي 8 وڳي پيش آيو، ڪمري جو دروازو کولي ڏٺو ته ڊاڪٽر آڪاش بيڊ کان هيٺ ڪريل هو، مون ڪمري ۾ وڃڻ جي ڪوشش ڪئي ته منهنجا پير سڙي ويا هئا. پوليس موجب آڪاش انصاري پنهنجي پاليل پٽ خلاف گذريل سال ڪيس به داخل ڪرايو هو پر بعد ۾ انهن ٻنهي وچ ۾ صلح ٿي وئي هئي. اهو انڪشاف به ٿيو آهي ته باهه صرف آڪاش انصاري جي ڪمري ۾ ئي لڳي هئي. جڏهن ته پوسٽ مارٽم رپورٽ ۾ ڊاڪٽر آڪاش انصاري جي جسم تي تشدد جا نشان به مليا هئا، جنهن لاءِ تيز ڌار اوزار جو استعمال ڪيو ويو هو. ايم يل او موجب ڊاڪٽر آڪاش انصاري جو جسم وڌيڪ سڙيل آهي جڏهن ته آڪاش انصاري جي پٽ لطيف آڪاش ۽ ڊرائيور کي گرفتار ڪري کين حيدرآباد منتقل ڪيو ويو آهي. ياد رهي ته ڊاڪٽر آڪاش انصاري حيدرآباد جي سٽيزن ڪالوني واري گهر ۾ سڙي فوت ٿي ويو هو، آڪاش انصاري کي بدين ۾ جنازي نماز کان پوءِ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو. ڊاڪٽر آڪاش انصاري جي ڪيل شاعري ۾ اسين بس رهياسين اڌورا اڌورا ۽ ڪيئن رهان جلا وطن شامل آهن جڏهن ته هن کي شيخ اياز ۽ استاد بخاري کان پوءِ جديد سنڌي شاعري ۾ سڀني کان وڌيڪ عوامي مشهوري ماڻيندڙ شاعر به چيو ويندو آهي.