اپوزيشن گرينڊ الائنس اسلام آباد ۾ وڏي گڏجاڻي ڪوٺائڻ جو فيصلو ڪري ورتو

 اپوزيشن گرينڊ الائنس حڪومت مخالف تحريڪ جي لاءِ وفاقي راڄڌاني اسلام آباد ۾ وڏي گڏجاڻي ڪوٺائڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي. ذريعن موجب حڪومت مخالف اتحاد(اپوزيشن گرينڊ الائنس) 26 ۽ 27 فيبروري تي اسلام آباد ۾ ڪانفرنس گهرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، جنهن جي لاءِ سمورين اپوزيشن پارٽين کي شامل ٿيڻ جي دعوت ڏني وئي آهي. ڪانفرنس ۾ مستقبل جي لائحه عمل جو فيصلو ڪيو ويندو ۽ حڪومت جي خلاف تحريڪ لاءِ آئنده جي ايجنڊا طئي ڪئي ويندي. ذريعن جو چوڻ آهي ته اپوزيشن گرينڊ الائنس جون سموريون پارٽيون هن ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪنديون. ٻئي طرف حڪومت مخالف اتحاد جي سلسلي ۾ تحريڪ تحفظ آئين ۽ جي ڊي اي جي گڏيل ڪميٽي قائم ڪئي وئي آهي. ذريعن موجب گرينڊ اپوزيشن الائنس کي واڌ ڏيڻ جي معاملي ۾ اڳڀرائي ٿي آهي، جنهن موجب تحريڪ تحفظ آئين پاڪستان ۽ گرينڊ ڊيمو ڪريٽڪ الائنس گڏيل ڪميٽي جوڙي ڇڏي آهي. ڪميٽي ۾ جي ڊي اي مان ڊاڪٽر صفدر عباسي، سردار رحيم، زين شاهه ۽ حسنين مرزا  هوندا جڏهن ته تحريڪ تحفظ آئين پاڪستان مان سلمان اڪرم راجا، صاحبزاده حامد رضا، ناصر شيرازي، حليم عادل شيخ، ساجد ترين ۽ اخونزاده حسين يوسفزئي کي نامزد ڪيو ويو آهي. ذريعن ٻڌايو ته ڪميٽي گڏيل سياسي جدوجهد جي بنيادي نڪتن کي حتمي شڪل ڏيندي، جنهن کان پوءِ اپوزيشن اتحاد جي ٻئي گڏجاڻي 26 ۽ 27 فيبروري تي اسلام آباد ۾ ٿيندي.