خيبرپختونخواهه جي اطلاعات بابت صلاحڪار بيرسٽر محمد علي سيف چيو آهي ته ڪي پي ڪي حڪومت هنگامي بنيادن تي وفد افغانستان اماڻڻ چاهي ٿي، وفاق افغانستان سان ڳالهين جي لاءِ ٽي او آرز جلد منظور ڪري. بيرسٽر محمد علي سيف پنهنجي بيان ۾ چيو ته خيبرپختونخواهه حڪومت هنگامي بنيادن تي وفد افغانستان اماڻن چاهي ٿي، ان ڪري وفاق خيبرپختونخواهه جي ٽي او آرز جي منظوري ۾ وڌيڪ دير کان پاسو ڪري. ڪي پي ڪي جي اطلاعات بابت صلاحڪار چيو ته پنهنجي عوام جي جان ۽ مال جي حفاظت خيبرپختونخواهه حڪومت جي اولين ترجيح ۽ ذميواري آهي، وفاق دهشتگردي جهڙي اهم مسئلي تي سياست ڪرڻ کان پاسو ڪري. بيرسٽر سيف چيو ته وفاق کي پنجاب ۽ سنڌ جي وڏن وزيرن جي ٻاهرين ملڪن جي دوري تي ڪوبه اعتراض نه آهي، مريم نواز ڀارت کان اسموگ ڊپلوميسي ڪري سگهي ٿي ته دهشتگردي جهڙي اهم مسئلي تي خيبرپختونخواهه حڪومت جي افغانستان سان ڳالهين ۾ ڪهڙي برائي آهي؟ وفاق جي ٻٽي معيار سان صوبي جو احساس محرومي وڌيڪ وڌي رهيو آهي.