(ن) ليگي اڳواڻن پرويز خٽڪ جي وفاقي ڪابينه ۾ شموليت تي خدشن جو اظهار ڪري ڇڏيو

 تحريڪ انصاف دور جي دفاع واري وزير ۽ اڳوڻي ڪي پي ڪي جي وڏي وزير پرويز خٽڪ جي وفاقي ڪابينه ۾ شموليت تي(ن) ليگ  جي ڪجهه اڳواڻن  خدشن جو اظهار ڪيو آهي. نجي چينل جي پروگرام ۾ ڳالهيون ڪندي اختيار ولي چيو آهي ته وفاقي ڪابينه ۾ پرويز خٽڪ جي شموليت تي(ن) ليگ جي ڪجهه اڳواڻن خدشا ظاهر ڪيا آهن. هن وڌيڪ چيو ته اسان جي اڳواڻ کي گاريون ڏيڻ سبب اسان 15-16 سالن کان پرويز  خٽڪ سان ڪنهن به قسم جي ڳالهه ٻولهه نه ڪئي هئي.  ليگي اڳواڻ چيو ته اهو تاثر اڀري رهيو آهي مسلم ليگ(ن) ۾ رهندي جيڪڏهن ڪنهن ماڻهو وٽ پنجاب جو ڊوميسائيل نه هجي ته اهو بيڪار ٿي ويندو آهي.