ڪوبه مزدور بکيو نه سمهي، پورهيتن جي فلاح لاءِ پلان طلب، وزيراعليٰ پنجاب ڪيترن ئي منصوبن جي منظوري ڏئي ڇڏي

 پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز چيو آهي ته صوبي جي مزدورن کي فلاح ۽ بهبود بابت مثالي صوبو ٺاهڻ جو ارادو رکون ٿا. مزدورن جي فلاح ۽ بهبود لاءِ مشاورتي اجلاس ٿيو جنهن ۾ پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز پلان طلب ڪندي اهم منصوبن جي منظوري ڏئي ڇڏي، ان سان گڏ ئي مريم نواز سموري پنجاب ۾ ليبر ڪالونيون ٺاهڻ جو به پلان طلب ڪري ورتو آهي. انهي موقعي تي مريم نواز چيو ته پنجاب ۾ پورهيتن کي گهٽ ۾ گهٽ 37 هزار روپيه ماهوار ادائيگي يقيني بنائي وڃي ۽ سوشل سيڪيورٽي اسپتالن جي ري ويمپنگ ڪئي وڃي. انهي کان علاوه اجلاس ۾ فيصلو ٿيو ته لاهور ۽ راولپنڊي جي اسلام آباد ۾ پري اسڪينگ لاءِ مريم نواز ويلنس سينٽر بڻجندا. مريم نواز ويلنس سينٽر ۾ مريضن کي اسڪريننگ کان پوءِ وڏي اسپتال ۾ ريفر ڪيو ويندو. لاهور، ڊفرنس روڊ تي 200 بيڊ جي رحمت اللعالمين ڪارڊيالوجي سينٽر ٺاهڻ جو اصولي فيصلو به ڪيو ويو ۽ رحيم يار خان ۾ 50 بيڊ جي نئين سوشل سيڪيورٽي اسپتال جي اصولي منظوري ڏني وئي. اجلاس ۾ پنجاب جي وزيراعليٰ مزدورن جي فلاح ۽ بهبود لاءِ ليبر لا ۾ ترميم جي هدايت ڪندي چيو ته پنجاب جي مزدورن جي فلاح ۽ بهبود بابت مثالي  صوبو ٺاهڻ جو ارادو رکون ٿا. پورهيتن جي مزدوري، علاج، بهتر  روزگار پنهنجي ڇت حڪومت جي ذميواري آهي. مريم نواز چيو ته ڪوبه مزدور بکيو نه سمهي، ڪنهن کي ڏک ۽ پريشاني نه ٿئي، مزدورن جي ٻارن لاءِ اعليٰ تعليم جا بهترين موقعا مهيا ڪري رهيا آهيون.