صدر آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم شهباز شريف جعفر ايڪسپريس تي دهشتگردن جي حملي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي سيڪيورٽي فورسز جي وقت تي ڪارروائي تي کين خراج تحسين پيش ڪيو آهي. صدر آصف علي زرداري جعفر ايڪسپريس تي دهشتگردن جي حملي جي سخت مذمت ڪئي ۽ سيڪيورٽي فورسز طرفان جعفر ايڪسپريس جي مسافرن کي ريسڪيو ڪرڻ تي فورسز جي بهادري جي تعريف ڪئي. صدر چيو ته هٿين خالي شهرين ۽ مسافرن تي حملا غير انساني ۽ شرمناڪ عمل آهي، مسافرن تي حملو ڪندڙ بلوچستان ۽ انهي جي روايتن جي خلاف آهن، بلوچ قوم هٿين خالي مسافرن، بزرگن ۽ ٻارن تي حملو ڪرڻ ۽ يرغمال بنائيندڙن کي رد ڪري ٿي، ڪوبه مذهب ۽ معاشرو اهڙي ڪاررواين جي اجازت نٿو ڏئي. وزيراعظم شهباز شريف جعفر ايڪسپريس تي بزدلاڻي حملي جي مذمت ڪئي ۽ چيو ته سيڪيورٽي فورسز بهادري ۽ پيشه وارانه مهارت سان دهشتگردن سان مهاڏو اٽڪائي رهي آهي. ڏکين رستن جي باوجود آپريشن ۾ شامل سيڪيورٽي فورسز جي اهلڪارن جا حوصلا بلند آهن. سيڪيورٽي فورسز وقت تي ڪارروائي ڪري بهادري سان بزدل دهشتگردن سان مهاڏو اٽڪائي رهي آهي. انشاءَالله سيڪيورٽي فورسز جوآپريشن جلد ڪامياب ٿيندو.وفاقي گهرو وزير محسن نقوي 100 کان وڌيڪ مسافرن کي بازياب ڪرائڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو ۽ چيو ته سيڪيورٽي فورسز وقت تي ڪارروائي ڪري 16 کان وڌيڪ دهشتگردن کي ماري ڇڏيو. محسن نقوي چيو ته سيڪيورٽي فورسز جرئت سان دهشتگردن جي ناپاڪ ارادن کي ناڪام بنائي ڇڏيو. زخمي مسافرن کي جلد صحتيابي جي لاءِ دعاگو آهيون. هٿين خالي مسافرن تي حملو غير انسان فعل آهي، معصوم مسافرن تي حملو ڪندڙ ملڪ ۽ قوم جا دشمن آهن.بلوچستان جي وڏي وزير سرفراز بگٽي چيو ته جعفر ايڪسپريس تي حملو بدلاڻي دهشتگردي آهي، حملو ڪندڙن کي عبرتناڪ انجام تائين پهچائينداسين. رمضان المبارڪ جي ڀلاري مهيني ۾ رت وهائيندڙن کي زمين تي جڳهه نه ملندي. دهشتگردن جو مڪمل صفايو ڪيو ويندو. بلوچستان ۾ رياست جي رٽ کي چيلينج ڪندڙن کي نيست ونابود ڪيو ويندو. عوام ڊڄي نه دشمنن جي خاتمي تائين سک سان نه ويهنداسين. پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز جعفر ايڪسپريس تي حملي جي سخت مذمت ڪندي چيو ته جعفر ايڪسپريس جي هٿين خالي مسافرن تي حملو ڪندڙ انسانيت جا دشمن آهن، دل جي گهراين سان مسافرن جي خيريت جي لاءِ دعاگو آهيان. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جعفر ايڪسپريس تي حملي جي سخت مذمت ڪندي چيو آهي ته معصوم ۽ بي گناهه ماڻهن کي شهيد ڪرڻ انتهائي مذمت جوڳو عمل آهي، قوم دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ ثابت قدم رهندي. ڪي پي ڪي جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور جعفر ايڪسپريس تي دهشتگردن جي حملي جي مذمت ڪندي دهشتگردن طرفان مسافرن کي يرغمال بنائڻ تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته بي گناهه مسافرن کي نشانو بنائڻ ۽ انهن جي حياتي کي خطري ۾ وجهڻ بزدلاڻو فعل آهي. پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جعفر ايڪسپريس تي حملي جي مذمت ڪندي چيو آهي ته دهشتگرد پاڪستان جي لاءِ سڀني کان وڏو خطرو آهي، دهشتگردن جو معصوم شهرين کي نشانو بنائڻ بزدلاڻو عمل آهي، بلوچستان حڪومت فوري طور تي ايمرجنسي لاڳو ڪري موجوده صورتحال کي منهن ڏيڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندي. ٽرين ۾ موجود مسافرن جي تحفظ لاءِ دعاگو آهيون.
