8

هلندڙ حڪومت جي هڪ سال دوران جيڪو ڪجهه ڪري سگهياسين اهو ڪيو آهي: مراد علي شاهه

 سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته هن حڪومت جي هڪ سال ۾ جيڪو ڪجهه ڪري ٿي سگهياسين  اهو ڪيو آهي. سنڌ حڪومت جي هڪ ساله ڪاڪردگي تي بريفنگ ڏيندي سنڌ جي وڏي وزير چيو ته گذريل هڪ سال ۾ سنڌ حڪومت ڪيترائي  عوامي منصوبا شروع ڪيا، ڪوشش ڪئي آهي ته گورننس ۾ ڊيجيٽلائيزيشن آندي وڃي. هن ٻڌايو ته گذريل سال بلاول ڀٽو سنڌ هاري ڪارڊ جاري ڪيو هو هڪ سال دوران تقريبن 10 ارب روپيه هڪ لک کان وڌيڪ هارين کي ڏئي چڪا آهيون. مراد علي شاهه وڌيڪ ٻڌايوت ه شاگردن جي لاءِ پيپلز انفارميشن ٽيڪنالوجي پروگرام شروع ڪيو، انهي پروگرام مان 3 يونيورسٽين ۾ 11 هزار 71 شاگردن گريجوئينٽ ڪيو جڏهن ته آءِ ٽي ۾ اسان 3 پورٽلز ٺاهيا آهن. وڏي وزير چيو ته ٻوڏ متاثرين جي بحالي لاءِ سنڌ پيپلز هائوسنگ فار فلڊ افيڪٽريز اسان جو فليگ شپ پروجيڪٽ آهي. جڏهن ته ڪراچي۾ به ترقياتي منصوبن تي ڪم جاري آهي، گهوٽڪي ۾ زرعي ريسرچ سينٽر قائم ڪيو ويو آهي، ڊرون سان گڏ ڳوٺن جي ڊيجيٽل ميپنگ ڪئي پئي وڃي. مراد علي شاهه چيو ته هڪ سال ۾ جيڪو ڪجهه ڪري ٿي سگهياسين اهو ڪيو، اسان قائداعظم ۽ ذوالفقار علي ڀٽو جي ويزن کي اڳيان وڌائي رهيا آهيون.

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو