پرڏيهي وزارت جي ترجمان شفقت علي خان چيو آهي ته پاڪستان ۾ ٿيندڙ دهشتگردي جي ڪاررواين جو ذميوار ڀارت آهي. هفتيوار پريس بريفنگ ۾ پرڏيهي وزارت جي ترجمان شفقت علي خان چيو ته جعفر ايڪسپريس تي حملو ملڪ کان ٻاهر دهشگردن جو پلان هو، افغان حڪومت تي زور ڏيون ٿا ته ذميوارن جي خلاف ڪارروائي ڪري ۽ پاڪستان سان تعاون ڪري. هن چيو ته جعفر ايڪسپريس حملي ۾ ملوث دهشتگرد پرڏيهي ملڪن سان رابطي ۾ هئا جڏهن ته انهي واقعي جي دوران ٽريس ٿيل ڪالز ۾ افغانستان سان رابطن جو سراغ مليو آهي، افغان حڪومت سان سٺن لاڳاپن جا خواهشمند آهيون پر دهشتگردي بنيادي مسئلو آهي. هن چيو ته ڀارتي اختيارين طرفان ٻن ڪشميري تنظيمن کي غيرقانوني قرار ڏيڻ جي مذمت ڪريون ٿا، ڀارت تي زور ڏيون ٿا ته ڪشميري سياسي پارٽين تي لڳايل پابنديون هٽايون وڃن، ڀارت عوامي ايڪشن ڪميٽي ۽ جمون، ڪشمير اتحاد المسلمين کي پنجن سالن جي لاءِ غيرقانوني ايسوسيئيشن قرار ڏنو آهي. پرڏيهي وزارت جي ترجمان چيو ته عوامي ايڪشن ڪميٽي جي قيادت مشهور سياسي ۽ مذهبي اڳواڻ مير واعظ عمر فاروق ڪري رهيو آهي جڏهن ته جمون، ڪشمير اتحاد المسلمين جي بنياد مولانا محمد عباس انصاري رکي هئي، انهي فيصلي سان پابندي مڙهيل ڪشميري سياسي پارٽيون ۽ تنظيمن جو ٽوٽل انگ 16 ٿي ويو آهي. سياسي پارٽين ۽ تنظيمن تي پابندي لڳائڻ ڀارتي اختيارين جي رويي کي ظاهر ڪري ٿو. آمريڪا طرفان پاڪستان تي سفري پابندين جي معاملي تي رد عمل ڏيندي شفقت علي خان چيو ته سفري پابندين بابت ميڊيا رپورٽون ڏٺيون آهن اڃان تائين اهي صرف افواهون آهن، آمريڪا ۾ اسان جو سفارتخانو آمريڪي اختيارين سان رابطي ۾ آهي، اڃان تائين انهي جي باري ۾ ڪابه ڄاڻ ناهي ڏني وئي. پرڏيهي وزارت جي ترجمان چيو ته پاڪستان اسرائيل طرفان فلسطينين لاءِ امداد روڪڻ واري عمل جي مذمت ڪري ٿو، اسرائيلي قدم جو مقصد امدادي تنظيمن جي سرگرمين کي روڪڻ آهي، عالمي برادري اسرائيلي ظلمن کي روڪڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري. پرڏيهي وزارت جي ترجمان ٻڌايو ته پرڏيهي وزير او آءِ سي جي پرڏيهي وزيرن جي ڪوٺايل گڏجاڻي ۾ شرڪت ڪئي، اسحاق ڊار فلسطينين جي لاءِ پاڪستان جي مڪمل تعاون جو يقين ڏياريو. پرڏيهي وزارت جي ترجمان چيو ته پرڏيهي وزير سائيڊ لائين تي فلسطيني وزيراعظم، او آءِ سي جي سيڪريٽري جنرل ۽ ٻين سان ملاقاتون ڪيون، اسحاق ڊار جي سائيڊ لائنز تي ترڪيه جي پرڏيهي وزير سميت ٻين سان به ملاقاتون ٿيون، نائب وزيراعظم فلسطين جي مسئلي تي پاڪستان جي موقف کان آگاهه ڪيو.