قومي سلامتي جي پارلياماني ڪميٽي جو اجلاس سڀاڻي طلب، عسڪري قيادت ملڪي سيڪيورٽي صورتحال کان آگاهه ڪندي

قومي سلامتي جي پارلياماني ڪميٽي جو اجلاس 18 مارچ تي طلب ڪيو ويو آهي. وزيراعظم آفيس جي پڌرائي موجب وزيراعظم شهباز شريف جي ايڊوائس تي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اجلاس طلب ڪري ورتو آهي. پڌرائي ۾ ٻڌايو ويو آهي ته قومي سلامتي جي پارلياماني ڪميٽي جو اجلاس اڱاري تي ٻنپهرن جو ڏيڍ وڳي طلب ڪيو ويو آهي، قومي سلامتي جي پارلياماني ڪميٽي جو اجلاس ان ڪيمره ٿيندو جنهن ۾ سيڪيورٽي صورتحال تي بريفنگ ڏني ويندي. پڌرائي موجب اجلاس ۾ عسڪري قيادت پارلياماني ڪميٽي جي موجوده سيڪيورٽي صورتحال کان آگاهه ڪندي. قومي سلامتي جي پارلياماني ڪميٽي جو اجلاس قومي اسيمبلي هال ۾ ٿيندو جنهن ۾ پارليامينٽ ۾ موجود سياسي پارٽين جا پارلياماني اڳواڻ ۽ انهن جا نامزد نمائنده شرڪت ڪندا جڏهن ته لاڳاپيل ڪابينه ميمبر به اجلاس ۾ شرڪت ڪندا.