پنجاب حڪومت جو نئون (آغوش پروگرام): معصوم ٻارن جي مائرن ۽ ڳورهاري عورتن کي 23 هزار روپيه ڏيڻ جو اعلان

 معصوم ٻارن جي مائرن ۽ ڳورهاري عورتن کي 23 هزار روپيه ڏيڻ جو اعلان لاهور: (اڱارو: 18 مارچ 2025ع) پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز پنهنجي نوعيت جو پهريون ۽ منفرد آغوش پروگرام شروع ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي جنهن جي تحت 2 سالن کان ننڍي عمر جي ٻارن جي مائرن ۽ ڳورهاري عورتن کي آغوش پروگرام جي تحت 23 هزار روپيه ملندا. رپورٽ موجب  پنجاب حڪومت طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته پهرين مرحلي ۾ 13 ضلعن ۾ آغوش پروگرام جي تحت معصوم ٻارن جي مائرن ۽ ڳورهاري عورتن کي امدادي رقم ملندي. آغوش پروگرام جي شروعات ڊيره غازي خان، تونسه ۽ راجن پور، ليه، مظفر ڳڙهه ۽ ڪوٽ ادو کان ٿيندو. انهي کان علاوه بهاوالپور، رحيم يار خان، بهاوالنگر، بهکر، ميانوالي، خوشاب ۽ لودهران به آغوش پروگرام ۾ شامل آهن. ڳورهاري عورتن جي پهريون ڀيرو صحت مرڪز، مريم هيلٿ ڪلينڪ ۾ رجسٽريشن تي 2 هزار روپيه ڏنا ويندا. ڳورهاري عورتن کي ٻارن جي پيدائش تائين متواتر طبي معائني جي لاءِ وزٽ تي امدادي رقم ڏني ويندي. صحت مرڪز مان مفت طبي معائني کان پوءِ آغوش پروگرام جي ڪيش ايجنٽ کان امدادي رقم حاصل ڪري سگهبي. پروگرام جي تحت پيدائش جي 15 ڏينهن اندر پهرين طبي معائني تي 2 هزار روپيه ملندا، پيدائشي سرٽيفڪيٽ صحت واري مرڪز ۾ داخل ڪرائڻ تي 5 هزار روپيه ڏنا ويندا. آغوش پروگرام جي تحت تازي ڄاول ٻار کي حفاظتي ٽڪا لڳرائڻ تي 4 هزار روپيه هر ڀيري 2 هزار روپيه ڏنا ويندا. وزيراعليٰ مريم نوازشريف جي هدايت تي عورتن جي رهنمائي ۽ ڄاڻ جي لاءِ خصوصي ٽال فوري نمبر به جاري ڪيو ويو. مريم نواز چيو ته صحت ۽ علاج هر ماءُ ۽ ٻار جو بنيادي حق آهي حڪومت پنهنجو فرض ادا ڪندي، اسپتالن ۾ مائرن ۽ ٻارن کي بيماري جي حالت ۾ ڏسڻ انتهائي تڪليف ڏيندڙ آهي، سرڪاري وسيلن تي پٺتي پيل ۽ پري وارن علائقن جي عوام جو پورو پورو حق آهي. صحتمند ماءُ ئي صحتمند خاندان جي ضامن آهي. هن چيو ته پوئتي پيل علائقن ۾ طبي سهولتن سان گڏ عورتن جي مالي مدد به ڪري رهيا آهيون، آغوش پروگرام سان نه صرف ماءُ پر ٻار به صحتمند زندگي جي شروعات ڪندو.