سپريم ڪورٽ سنڌ ۽ خيبرپختونخواهه حڪومت کان قرآن پاڪ جي لازمي تعليم تي جواب گهري ورتو آهي.

سپريم ڪورٽ پاڪستان ۾ قرآن پاڪ جي تعليم لازمي قرار ڏيڻ جي درخواست تي ٻڌڻي ٿي. وفاق، پنجاب ۽ بلوچستان حڪومتن جواب جمع ڪرائي ڇڏيا. جڏهن ته سنڌ ۽ خيبرپختونخواهه حڪومت جواب جمع ڪرائڻ جي  لاءِ وقت گهري ورتو. جسٽس جمال مندوخيل ريمارڪس ڏنا ته جواب موجب وفاقي حڪومت قرآن پاڪ جي تعليم جي لاءِ قدم کڻڻ شروع ڪري ڇڏيا آهن، حڪومت کي پنهنجو ڪم ڪرڻ ڏيو عدالت ڇو مداخلت ڪري؟ درخواستگذار انيق کهٽانه پنهنجي موقف ۾ چيو ته حڪومتون ڪم ڪري رهيون هجن ها ته 5 سالن کان عدالتن ۾ چڪر نه لڳائي رهيو هجان ها، قانون موجب اهو ترجمو رائج ٿي سگهي ٿو جيڪو گڏيل هجي جڏهن ته وفاقي حڪومت طرفان ترجمي جي منظوري ڏيڻ به لازمي آهي. انيق کهٽانه چيو ته ڪنهن به صوبي يا وفاق نوٽيفڪيشن ناهن لڳايا. جسٽس جمال مندوخيل چيو ته ٻار پيدا ٿيندو آهي ته ان کي مادري زبان سيکاري ويندي آهي انهي کان پوءِ اردو ۽ انگلش هاڻ سڀئي چائنيز زبان جي پٺيان پئجي ويا آهن ٻارن کي ٻيو ڇا ڇا سيکارڻ چاهيو ٿا؟ درخواستگذار چيو ته آئين جو آرٽيڪل 31 چٽو آهي ته قرآن جي تعليم ۽ اسلاميات ڌار آهن. عدالت سنڌ ۽ ڪي پي حڪومت کان قرآن پاڪ جي لازمي تعليم جي معاملي تي جواب گهري ورتا. جسٽس امين الدين جي سربراهي ۾ پنج رڪني بينچ ٻڌڻي اڻڄاتل مدي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.