وزيراعظم جي سياسي معاملن واري صلاحڪار راڻا ثناءُالله چيو آهي ته وزيراعظم پيپلز پارٽي کي يقين ڏياريو آهي ته 6 ڪينالن جي معاملي تي ويهي ڳالهيون ڪنداسين، ڪينالن جي معاملي تي جيڪو اتفاق راءِ سان فيصلو ٿيندو انهي تي عمل ڪيو ويندو. نجي ٽي وي چينل کي انٽرويو ڏيندي راڻا ثناءُالله چيو ته معاملو تڏهن خراب ٿيندو آهي جڏهن ڪنهن معاملي تي تڪرار يا ضد جي صورتحال هجي، شهباز شريف سان گڏجاڻي ۾ بلاول ڀٽو، خورشيد شاهه، پنجاب جو گورنر ۽ پيپلز پارٽي جي ٻئي قيادت به موجود هئي. هن چيو ته وزيراعظم پيپلز پارٽي کي يقين ڏياريو آهي ته 6 ڪينالن جي معاملي تي ويهي ڳالهيون ڪنداسين ڪينالن جي معاملي تي جيڪو اتفاق راءِ سان فيصلو هوندو انهي تي عمل ڪيو ويندو. هن چيو ته سنڌ ۾ 6 ڪينالن جي معاملي تي اونر شپ جو مسئلو آهي، اها اونر شپ پيپلز پارٽي کي ئي وٺڻي پوندي اهي نه وٺندا ته ڪو ٻيو وٺندو. پيپلز پارٽي اهڙين شين کي سمجهي ٿي انهي خالي جڳهه کي ڀرينداسين. پيپلز پارٽي انهي مسئلي تي اونر شپ وٺندي ته صحيح فيصلو ڪندي، ڪينالن تي سنڌ ۾ جهڙي طرح جي سياست ٿي رهي آهي، پيپلز پارٽي کي انهي اسپيس کي ڀرڻ گهرجي. بلوچستان جي صورتحال تي ڳالهيون ڪندي وزيراعظم شهباز شريف جي صلاحڪار چيو ته(ن) ليگ جي قيادت بلوچستان جي مسئلي تي فڪرمند به آهي ۽ انهي مسئلي تي نظر به آهي. دهشتگردن ٽرين کي يرغمال بنايو ۽ بي گناهه ماڻهن کي قتل ڪيو، اهي دهشتگرد ڪنهن به قسم جي همدردي جا مستحق نه آهن.