صدر آصف علي زرداري عيدالفطر ملهائڻ جي لاءِ پنهنجي اباڻي ڳوٺ نوابشاهه پهچي ويو آهي، صدر آصف علي زرداري عيد الفطر پنهنجي اباڻي ڳوٺ نواب شاهه ۾ ملهائيندو. ايئرپورٽ ذريعن موجب آصف زرداري خاص جهاز ذريعي نوابشاهه پهچي ويو آهي. آصف زردار يجي آمد وقت ايئرپورٽ کان زرداري هائوس تائين سيڪيورٽي جا انتظام انتهائي سخت ڪيا ويا هئا. ذريعن موجب زرداري هائوس نوابشاه ۾ صدر آصف علي زرداري پارٽي جي سينئر اڳواڻن، تڪن جي اهم شخصيتن ۽ پارٽي ڪارڪنن سان پڻ اهم ملاقاتون ڪندو. پارٽي ذريعن موجب صدر آصف علي زرداري عيد الفطر جا 3 ڏينهن پنهنجي اباڻي شهر ۾ رهندو جتي ساڻس اهم اڳواڻن سان ملاقاتون پڻ شيڊول ٿيل آهن.