رانوتي ڀرسان ايم فائيو موٽروي لوڪيشن 475 وٽ ڪار جو ٽائر برسٽ ٿيڻ سبب ڪلٽي ٿي پئي، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو سڙي فوت جڏهن ته هڪ زخمي ٿي پيو آهي. رانوتي ڀرسان تيز رفتار ڪار ڪلٽي ٿيڻ سبب ڪار کي باھ وڪوڙي وئي جنهن جي نتيجي ۾ باھ لڳڻ سبب هڪ ڄڻو عبدالشڪور سڙي فوت، جڏھن ته هڪ ڄڻو زوهيب زخمي ٿي پيا. اهڙي اطلاع تي موٽروي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي فوتي ۽ زخمي کي اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو، انهي حوالي سان ٻڌايو پيو وڃي ته ڪار لاهو کان ڪراچي وڃي رهي هئي ته حادثو پيش آيو آهي.