سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني کي انٽر پارلياماني اسپيڪرز ڪانفرنس(آءِ ايس سي) کي باني چيئرمين نامزد ڪيو ويو آهي. اهو عالمي فورم سيئول(ڏکڻ ڪوريا) ۾ قائم آهي. سڄي دنيا ۾ پارلياماني مڪالمي کي هٿي ڏيڻ، پائيدار ترقي جي حدفن کي اڳيان وڌائڻ ۽ اهم عالمي چيلنجز جيئن موسمياتي تبديلي، قابل تجديد توانائي ۽ پاڻي جي کوٽ تي عالمي تعاون کي مضبوط بنائڻ جي لاءِ وقف آهي. اهو اهم فيصلو سينيٽ چيئرمين جي تازي ڪامياب دوري ڪوالالمپور، ملائيشيا جي دوران ڪيو ويو، ورلڊ سمٽ 2025 جي دوران جيڪو يونيورسل پيس فيڊريشن(يو پي ايف) جي اهتمام هيٺ سيئول ۾ منعقد ٿيندو. انهي سربراهي اجلاس ۾ 150 ملڪن جا 500 سفير ۽ 45 پارلياماني اسپيڪرز شرڪت ڪندا. ياد رهي ته سينيٽ چيئرمين يوسف رضا گيلاني کي سندس وزنري قيادت جي اعتراف ۾ هڪ خصوصي ايوارڊ به پيش ڪيو ويو هو.