رمضان المبارڪ ۾ 30 لک مستحق خاندانن کي رليف پيڪيج ڏنو: احسن اقبال

 وفاقي وزير منصوبه بندي احسن اقبال چيو آهي ته رمضان المبارڪ ۾ 30 لک مستحق خاندانن لاءِ رليف پيڪيج ڏنو ويو. وفاقي وزير احسن اقبال، رانا تنوير حسين ۽ شزا فاطمه سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته ڊيجيٽل پاڪستان جي وزن تحت والٽ جي ذريعي ادائيگي ڪئي وئي، پروگرام جي تحت 19 لک ڊجيٽل ٽرانزيڪشن ٿيون، ڊجيٽل نظام جي ذريعي شفافيت کي به يقيني بنايو ويو. هن چيو ته انهي عمل ۾ نجي شعبي به اهم ڪردار ادا ڪيو، مستحق خاندانن کي سڌو سنئون رقم ادا ڪئي وئي، وزيراعظم اڄ سمورن ٽيم ميمبرن کي مبارڪباد ڏني،   هن چيو ته آءِ ٽي جي وزير شزا فاطمه جو به ٿورو ادا ڪرڻ چاهيان ٿو. پريس ڪانفرنس ڪندي وفاقي وزير صنعت ۽ پيداوار رانا تنوير حسين چيو ته يوٽيليٽي اسٽورز جي ذريعي سبسڊي جي حوالي سان شين جي معيار، شفافيت بابت سوال اٿي رهيا هئا، وزيراعظم فيصلو ڪيو ته ايندڙ ڊيجيٽل طريقي سان مستحق خاندانن جي مدد ڪنداسين، شفافيت سان مستحقين تائين پئسا پهتا. هن چيو ته رمضان پيڪيج جي تحت اهڙن خاندانن کي رليف مليو جيڪي ڪنهن ٻئي پروگرام مان فائدوحاصل نه ڪري رهيا هئا، ايندڙ رمضان ۾ وڌيڪ شفاف طريقي سان مدد ڪئي ويندي، رانا تنوير وڌيڪ چيو ته ڊيجيٽل والٽ جو آئيڊيا وفاقي وزير آءِ ٽي شزا فاطمه ڏنو جيڪو ڪامياب ٿيو، ڊجيٽل ادائيگي جي نظام تي عوام اطمينان جو اظهار ڪيو آهي، مستقبل ۾ انهي نظام کي وڌيڪ بهتر ڪنداسين. انهي موقعي تي وفاقي وزير آءِ ٽي شزا فاطمه چيو ته پهريون ڀيرو 20 ارب روپين جو منصوبو ڊيجيٽل والٽ جي ذريعي مڪمل ٿيو، اسان پوري فريم ورڪ جي تحت ڊيجيٽل اڪانموني طرف وڌي رهيا آهيون، پاڪستان ۾ جن وٽ بينڪ اڪائونٽس ناهن انهن جو انگ تمام گهڻو آهي، سمورن شعبن ۾ ٽيڪنالاجي کي ترقي ڏئي رهيا آهيون. هن چيو ته ڊيجيٽل والٽ معيشت جي ڊيجيٽلائيزيشن جي حوالي سان اهميت جوڳو منصوبو آهي، تقريبن ساڍا 9 لک نوان ڊيجيٽل والٽ قائم ڪيا ويا، 19 لک کان وڌيڪ ڊيجيٽل ٽرانزيڪشن ٿيون آهن، بنا لائن ۾ لڳڻ کان سواءِ ادائيگي سبب عوام کي آساني ملي، 8 لک کان وڌيڪ عورتن ڊيجيٽل والٽ استعمال ڪيو. شزا فاطمه وڌيڪ چيو ته وزيراعظم شهباز شريف سميت وفاقي وزيرن ۽ سموري ٽيم جو ٿورو ادا ڪريان ٿي، پي ٽي اي ۽ اسٽيٽ بينڪ به اسان جي تمام گهڻي مدد ڪئي، وزيراعظم جي هدايت تي ڪنٽرول روم به قائم ڪيو ويو، 20 لک کان وڌيڪ شڪايتن کي حل ڪيو ويو، ايندڙ سال به انهي ڊيجيٽل طريقيڪار کي سمورن پروگرامن ۾ شامل ڪنداسين.

پنھنجي راءِ لکو