دفاع واري وزير خواجه آصف چيو آهي ته عوام کي ايندڙ بجيٽ ۾ وڌيڪ خوشخبريون ٻڌڻ لاءِ ملنديون. سيالڪوٽ ۾ ڪارڪنن کي خطاب ڪندي خواجه آصف چيو ته ملڪ جي حالت کنڊر جهڙي هئي جنهن تي اسان عمارت تعمير ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، شهباز شريف ڪڏهن آءِ ايم ايف، ڪڏهن چين ۽ ڪڏهن سعودي عرب جو سفر ڪندو رهيو، رات جو سمهندا هئاسين ته ڊپ لڳندو هو ته آءِ ايم ايف اسان جون ڳالهيون مڃيندو يا نه. هن چيو ته انهي وقت ڪير به اهو سوچي نٿي سگهيو ته بجلي سستي ٿي ويندي، پي ٽي آءِ وارن هاڻ هڪ ٻئي کي چور چوڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي، انهن جو اڳواڻ به ڊگري يافته چور آهي، پرڏيهه ۾ ويٺل پي ٽي آءِ جا ڪجهه ماڻهو ملڪ دشمني ڪري رهيا آهن. خواجه آصف چيو ته ملڪ ڪجهه وقت اڳ جتي بيٺل هو اتي صرف تباهي ئي تباهي هئي، پي ڊي ايم ۾ سمورين پارٽين گڏجي وڏي محنت سان اميد جي روشني ڏيکاري. دفاع واري وزير چيو ته مريم پنجاب کي چار چنڊ لڳائي رهي آهي، نوازشريف، مريم نواز ۽ شهباز شريف جڏهن به حڪومت ۾ ايندا آهن ته ترقي جي سفر جي شروعات ٿيندي آهي، دهشتگردي عروج تي آهي، روزاني فوجي جوان شهيد ٿي رهيا آهن، فوجي عيد جي ڏينهن به سرحدن تي پهرو ڏئي رهيا هئا. خواجه آصف خطاب ۾ چيو ته 6 مهينا قيد ۾ رهيس، ملاقات به بند هئي، هتي ته ملاقاتون عام ٿي رهيون آهن، اربين روپيه ڪٿان کان آيا، جيڪي وڪيلن کي ڏنا ويا، هنن جا اهڙا اڳواڻ آهن جن جي گهر وارا به انهن کي ووٽ نه ڏيندا آهن، پي ٽي آءِ ٽڪڙن ۾ ورهائجي چڪي آهي، هي هڪ ٻئي کي گاريون ڏيندا آهن، اسان ته جيل ۾ فرش تي سمهندا هئاسين، پي ٽي آءِ باني کي جيل ۾ سموريون سهولتون مليل آهن، هنن کي ته جيل ۾ ديسي ڪڪڙ ۽ ڪشتا به ملندا آهن. خواجه آصف وڌيڪ چيو ته هي چوندا هئا ته پرڏيهي پاڪستاني رقم نه اماڻين پر پرڏيهي پاڪستانين وڌ کان وڌ رقم اماڻي، انشاءَالله ايندڙ بجيٽ ۾ عوام کي وڌيڪ خوشخبريون ملنديون.