وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته اسان وٽ کربين ڊالرز جا ذخيرا موجود آهن جنهن کي ڪڍڻ سان پاڪستان قرضن جي پهاڙن مان ڇوٽڪارو حاصل ڪري سگهي ٿو. پاڪستان منرل انويسٽمينٽ فورم کي خطاب ڪندي وزيراعٿظم چيو ته ڪانفرنس ۾ شرڪت تي سمورن سفيرن جي آجيان ڪريون ٿا. ريڪوڊڪ منصوبي تي اڳڀرائي ٿي آهي، اهو منصوبو ڪافي وقت کان التوا جو شڪار رهيو، ريڪوڊڪ منصوبي تي اڳڀرائي حوصلو ڏيندڙ آهي. وزيراعظم چيو ته سنڌ جي وڏي وزير ڪوئلي جي ذخيرن کي توانائي پيدا ڪرڻ جي لاءِ استعمال ڪيو، پاڪستان ۾ خاص طور تي پنجاب ۽ سنڌ ۾ زمين زرخيز آهي. شهباز شريف چيو ته بلوچستان جي جابلو علائقن ۾ معدنيات جا ذخيرا آهن، ڪي پي ڪي، گلگت بلتستان ۽ آزاد ڪشمير ۾ معدنيات جا وڏا ذخيرا آهن، اهي معدني ذخيرا کربين ڊالرز جا آهن، انهن ذخيرن کي ڪڍڻ سان پاڪستان پنهنجي قرضن جي پهاڙ مان ڇوٽڪارو حاصل ڪري سگهي ٿو. هن وڌيڪ چيو ته مان آمريڪا، چين ۽ يورپ سميت سمورن ملڪن جي سرمائيڪارن کي پاڪستان ۾ سرمائيڪاري جي دعوت ڏيان ٿو، پاڪستان عالمي سرمائيڪاري جي لاءِ فائدو ڏيندڙ ثابت ٿيندو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۾ اهڙين کاڻين تي سرمائيڪاري جي لاءِ اوهان کي ڀليڪار چيو ويندو، سمورن سرمائيڪارن کي گڏيل منصوبن ۾ به ڀليڪار چيو ويندو.