وزيراعظم محمد شهباز شريف کي پيٽروليم شين جون قيمتون گهٽ ڪرڻ جي تجويز اماڻي وئي آهي. رپورٽ موجب پيٽرول جي في ليٽر قيمت ۾ 8 روپيه 27 پئسا گهٽ ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي آهي. هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي قيمت ۾ 6 روپيه 96 پئسا گهٽتائي جي تجويز اماڻي وئي آهي. لائٽ ڊيزل 7 روپيه 21 پئسا سستو ٿي سگهي ٿو، گاسليٽ جي قيمت ۾ 7 روپيه 21 پئسا گهٽتائي جي تجويز ڏني وئي آهي. جيڪڏهن وزيراعظم پيٽروليم شين جون قيمتون گهٽ ڪري ٿو ته پوءِ پيٽرول جي نئين قيمت 246 روپيه 36 پئسا في ليٽر ۽ هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي نئين قيمت 251 روپيه 68 پئسا في ليٽر ٿي سگهي ٿي. قيمتن ۾ هيٺ مٿانهين جو حتمي فيصلو وزيراعظم شهباز شريف پاڻ ڪندو، نيون قيمتون اڄ رات 12 وڳي کان پوءِ لاڳو ڪيون وينديون.