ترقي ۽ خوشحالي جو سفر شروع ٿي ويو آهي، گڏيل ڪوششن سان معيشت مستحڪم ٿي: وزيراعظم

وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته ترقي ۽ خوشحالي جو سفر شروع ٿي چڪو آهي، گڏيل ڪوششن سان معيشت مستحڪم ٿي وئي آهي. وفاقي راڄڌاني جناح اسڪوائر مري روڊ انڊر پاس جو پيڙهه جو پٿر رکڻ جي تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته الله تعاليٰ سڀني جي گڏيل ڪوششن جي نتيجي ۾ پاڪستان جي معيشت کي مستحڪم ڪري ڇڏيو آهي، ملڪ هاڻ ترقي ۽ خوشحالي جي رستي تي هلڻ شروع ٿي ويو آهي. وزيراعظم گهرو وزير  جي تعريف ڪندي چيو ته محسن نقوي ٻڌايو آهي ته هن منصوبي کي 60 جي بجاءِ صرف 35 ڏينهن ۾ مڪمل ڪنداسين، مون کي يقين آهي، ڇو ته ماضي ۾ هو پنهنجي اعلانن موجب ڪارڪردگي ڏيکاري چڪو آهي. هن چيو ته اها نه شهباز شريف جي اسپيڊ آهي نه ئي محسن جي اسپيڊ پر اها پاڪستان جي اسپيڊ آهي. شهباز شريف چيو ته سڀني جي گڏيل ڪوششن جو نتيجو سامهون آهي ته نه صرف پاڪستان جي ريٽنگ بهتر ٿي وئي آهي پر عالمي ايجنسي فچ طرفان به پاڪستان جي آئوٽ لڪ کي مستحڪم قرار ڏنو ويو آهي. وزيراعظم چيو ته اها سموري بهتري ٽيم ورڪ جي گڏيل ڪوششن جو نتيجو آهي. جنهن سبب ملڪي معيشت کي استحڪام مليو آهي، اسان انشاءَالله خوشحالي ۽ ترقي جي سفر تي هلڻ شروع ٿي ويا آهيون جهڙي طرح اسان مضبوطي سان پريشانين کي منهن ڏنو. اهڙي طرح ترقي جو سفر به طئي ڪري سرخرو ٿينداسين.