شهيد صحافي جان محمد مهر جي خون سان انصاف لاءِ پريالوءِ ڀرسان ٻٻرلوءِ باءِ پاس تي وڏو ڌرڻو هنيو ويو، جتي شهيد جي وارثن، وڪيلن، سياسي سماجي ڪارڪنن، شهرين ۽ سول سوسائٽي جي نمائندن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ڌرڻي کان اڳ شهيد جي ڳوٺ چڪ جان محمد مهر مان ريلي ڪڍي وئي، جيڪا مختلف رستن کان ٿيندي ڌرڻي واري هنڌ پهتي. ڌرڻي دوران قاتلن جي گرفتاري ۽ انصاف لاءِ زور ڀري نعريبازي ڪئي وئي. شهيد جان محمد مهر جي وارثن سنڌو درياهه مان 6 ڪئنال ڪڍڻ خلاف به آواز اٿاري، ان عمل کي سنڌ سان سراسر زيادتي قرار ڏيندي چيو ته پاڻيءَ جي ڌاڙي سان زراعت تباهه ٿي رهي آهي. وڪيلن، سياسي ۽ سماجي اڳواڻن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته هڪ دلير صحافي جي ناحق شهادت کي وسارڻ نه ڏنو ويندو، قاتلن کي قانون جي گرفت ۾ آڻڻ لاءِ احتجاج جاري رهندو. شرڪت ڪندڙن اعليٰ اختيارين کان پرزور مطالبو ڪيو ته شهيد صحافي جي خون سان انصاف ڪري قاتلن کي فوري طور گرفتار ڪيو وڃي، ۽ سنڌو درياهه مان جاري ڌاڙا بند ڪيا وڃن.