جي يو آءِ(ف) ڪينالن جي معاملي تي ٿيل احتجاج کي وڌيڪ تيز ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي. رپورٽ موجب جي يو آءِ(ف) اڳواڻ مولانا راشد محمود سومرو چيو آهي ته 24، 25 ۽ 26 اپريل تي جلسا ڪري سنڌ پنجاب بارڊر بلاڪ ڪنداسين. راشد محمود سومرو وفاقي حڪومت کان ڪينالن جو فيصلو واپس وٺڻ جو مطالبو ڪندي چيو ته تحريڪ جي ٻئي مرحلي ۾ ڪنڌڪوٽ، گهوٽڪي ۽ سکر ۾ ڌرڻا هنيا ويندا. ٻئي طرف سنڌو درياءَ مان ڪئنال ڪڍڻ واري گڏيل منصوبي خلاف سکر، ٻٻرلو باءِ پاس تي وڪيلن جو ڌرڻو چوٿين ڏينهن ۾ داخل ٿي ويو آهي. هوڏانهن ڪراچي بار گذريل ڏينهن مبينه فائرنگ جي واقعي تي جوڊيشل انڪوائري جو به مطالبو ڪيو جڏهن ته سنڌ بار ڪونسل جو اڄ کان سموري سنڌ ۾ اڻڄاتل مدي جي لاءِ عدالتي ڪارروائين جي بائيڪاٽ جو اعلان ڪيو ويو آهي. ڪينال منصوبن جي خلاف حيدرآباد ۽ لاڙڪاڻي سميت سنڌ جي مختلف شهرن ۾ شٽر ڊائون هڙتال به ڪئي وئي جڏهن ته خيرپور ۾ ريلوي ٽريڪ کي به بند ڪيو ويو جنهن کي پوليس ۽ رينجرز جي جوانن بعد ۾ کولرائي ڇڏيو.