ڪينالن جي معاملي تي اهم اڳڀرائي، بلاول ڀٽو جي اڄ وزيراعظم شهباز شريف سان ملاقات جو امڪان

سنڌ ۽ پنجاب جي وچ ۾ ڪينالن جي تڪرار تان اهم اڳڀرائي سامهون آئي آهي، وزيراعظم شهباز شريف ۽ چيئرمين پاڪستان پيپلز پارٽي بلاول ڀٽو زرداري وچ ۾ اڄ اهم ملاقات ٿيڻ جو امڪان آهي. رپورٽ موجب ذريعن جو چوڻ آهي ته وزيراعظم شهباز شريف سان بلاول ڀٽو جي ملاقات ۾ ڪئنالن جي معاملي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويندي، ملاقات ۾ ڪينالن جي معاملي تي پيپلز پارٽي جي خدشن کي ٻڌو ويندو. ملاقات ۾ ڪينالن جي منصوبي کي ري ڊيزائننگ جو  به امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي. ٻئي طرف سنڌ جو وڏو سيد مراد علي شاهه ۽ آبپاشي وارو وزير ڄام خان شورو به اسلام آباد پهچڻا آهن، ڪينالن جي معاملي تي وزيراعظم ۽ سنڌ جي وڏي وزير ۾ به اڄ ملاقات جو امڪان آهي. پيپلز پارٽي جي ذريعن موجب ڪينالن جي معاملي تي وفاقي حڪومت جو سنڌ حڪومت سان رابطو ٿيو هو وزيراعظم ۽ سنڌ جي وڏي وزير وچ ۾ ملاقات طئي ڪئي وئي هئي. ٻنهي اڳواڻن جي وچ ۾ اڄ ملاقات نه ٿيڻ جي صورت ۾ سڀاڻي ملاقات ٿي سگهي ٿي. ملاقات ۾ ڪينالن جي معاملي تي وفاق ۽ سنڌ  جي وچ ۾ جاري تڪرار تي غور ڪيو ويندو. مراد علي شاهه وزيراعظم کي ڪينالن بابت سنڌ جي خدشن کان آگاهه ڪندو.