52

خضدار سانحي ۾ شهيد ٿي ويلن جي وارثن لاءِ 10-10 لک روپيه امداد جو اعلان

خيبرپختونخواهه جو گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي هڪ ڏينهن جي دوري تي ڪوئٽه پهچي ويو جتي هن بلوچستان جي وڏي وزير سرفراز بگٽي سان گڏ خضدار سانحي جي زخمين جي عيادت ڪئي. بلوچستان جي وڏي وزير سرفراز بگٽي خضدار سانحي جي شهيدن جي وارثن لاءِ 10-10 لک روپيه جڏهن ته زخمين لاءِ 5-5 لک روپين جي امداد جو اعلان ڪيو. بلوچستان جي وڏي وزير چيو ته فتنه الهندستان ٻارن کي نشانو بنائي بزدلي جو ثبوت ڏنو. دهشتگردن ۽ انهن جي ناپاڪ ارادن کي خاڪ ۾ ملايو ويندو هن چيو ته شهيد ٻارن جي رت جي هڪ هڪ ڦڙي جو حساب ورتو ويندو. انهي موقعي تي خيبرپختونخواهه جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي  شهيدن جي خاندانن سان همدردي جو اظهار ڪندي چيو ته اسان جو ملڪ دهشتگردي جو شڪار آهي. اسان جي فوج ٻاهرين جارحيت جو منهن ٽوڙ جواب ڏنو. اندروني تخريبڪارن کي به ساڳئي طريقي سان آخري انجام تائين پهچائينداسين.

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو