مسجدالحرام جي امام شيخ صالح بن حميد چيو آهي ته اي الله! فلسطين جي ڀائرن جي مدد ڪر، عورتن ۽ ٻارن جي قاتلن کي برباد ڪري ڇڏ. حج جي رڪن اعظم وقوف عرفه جي دوران ميدان عرفات ۾ واقع مسجد نمره ۾ حج جو خطبو ڏيندي شيخ صالح بن حميد وڌيڪ چيو ته ننڍي کان ننڍي نيڪي کي به گهٽ نه سمجهو، الله فخر، تڪبر ڪندڙن کي پسند نٿو ڪري، الله جي رسول جي حڪمن جي پاسداري ڪريو، جن شين کان روڪيو ويو آهي انهي کان پري رهو، الله چيو آهي ته خير جا ڪم ڪندڙن جي لاءِ آخرت ۾ جنت هوندي، نيڪ عمل ڪندڙن جي لاءِ دنيا ۾ به خيروبرڪت هوندي. تقويٰ اختيار ڪرڻ ايمان وارن جي شان آهي، تقويٰ دنيا ۽ آخري جي ڀلائي جو سبب آهي. هن چيو ته رسول اڪرم صلي الله عليه وسلم فرمايو آهي ته اي ايمان وارو! الله جي عبادت ائين ڪريو جيئن اوهان الله کي ڏسي رهيا هجو، يا پوءِ الله جي عبادت اهڙي طرح ڪريو جيئن الله اوهان کي ڏسي رهيو هجي. هن تاڪيد ڪئي ته پاڻ ۾ هڪ ٻئي کان وڌيڪ نيڪي جا ڪم ڪريو، الله کان ڊڄندا رهو، تقويٰ اختيار ڪريو، الله جي پڪڙ تمام گهڻي سخت آهي. هن وڌيڪ چيو ته نبي ڪريم صه فرمايو آهي ته الله جي عبادت ڪريو انهي سان ڪنهن کي به شريڪ نه ڪيو، نيڪين وارا ڪم ڪريو، تقويٰ اختيار ڪندڙن جي لاءِ آخرت ۾ گهڻو ڪجهه آهي، ننڍي کان ننڍي نيڪي کي به گهٽ نه سمجهو، الله فخر ۽ تڪبر ڪندڙن کي پسند نٿو ڪري. امام حرم وڌيڪ چيو ته شيطان انسان جو دشمن آهي، شيطان کان بچو، رب پاڪ اوهان کي آزمائيندو آهي، الله هر شيءَ جو وقت مقرر ڪري رکيو آهي، نيڪ ماڻهو جنت ۾ ويندا ۽ هميشه اتي ئي رهندا، الله زمين ۽ آسمان کي ڇهن ڏينهن ۾ پيدا ڪيو. شيخ صالح بن حميد مسلمان امت کي بدعت ۽ غيبت کان پري رهڻ جي تلقين ڪندي چيو ته الله کان دعا گهرندا رهو، انهي جي عبادت، ڪندا رهو، الله جي توحيد، انهي جي رسولن تي ايمان آڻڻ ايمان جو حصو آهي، نيڪي ۽ برائي ڪڏهن به برابر نٿي ٿي سگهي، قيامت، جهنم، جنت تي ايمان هجڻ گهرجي، الله جي رضا جنت کان به وڏي آهي، دنيا ۾ اسان سان جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي اهو لوح محفوظ ۾ آهي، هن چيو ته انسان جون نيڪيون انهي جي روح ۽ جسم کي پاڪ ڪري ڇڏينديون آهن. هن مسلمان امت کي تاڪيد ڪئي ته شيطان اوهان جو کليل دشمن آهي انهي کان پري رهو، الله نيڪي ڪرڻ ۽ برائي کان پري رهڻ جو حڪم ڏنو آهي، دشمن کي معاف ڪرڻ به نيڪي آهي، نيڪيون برائين کي ختم ڪري ڇڏينديون آهن ان ڪري نيڪين جي وڌ کان وڌ ڪوشش ڪرڻ گهرجي، نماز قائم ڪريو، اهو الله ۽ انسان جي وچ ۾ هڪ بهترين رابطو ۽ سڀني کان وڌيڪ وچ جي نماز جي حفاظت ڪريو، الله تاعيلٰ فساد في الارض کان سختي کان منع فرمايو آهي. شيخ ڊاڪٽر صالح بن عبدالله چيو ته اي ايمان وارو! عهد ۽ واعدي کي پورو ڪريو، جڏهن به ڳالهه ڪريو سٺي ڪريو، الله صبر ڪندڙن کي پورو ثواب ڏيندو آهي، الله جو شڪر ڪندڙ ماڻهن سان واعدو آهي ته جيترو شڪر ڪندو انهي کان وڌيڪ نعمتن سان نوازي ڇڏيندس. امام حرم فلسطين جي مظلوم مسلمانن جي لاءِ خصوصي دعا ڪندي چيو ته اي الله! فلسطين جي ڀائرن جي مدد ڪر، انهن جي شهيدن کي معاف ڪر، زخمين کي شفا ڏئي، امام حرم ڏکوئيندڙ آواز ۾ دعا ڪئي ته اي الله! عرفات جي ميدان مان دعا ڪئي پئي وڃي، اهل فلسطين جي دشمنن کي تباهه ۽ برباد ڪري ڇڏ، اي الله! تون پنهنجي دشمنن کي تباهه ۽ برباد ڪري ڇڏ، عورتن ۽ ٻارن جي قاتلن کي برباد ڪر، قاتلن جي صفن ۾ ڏار وجهه، اي الله! اهي ٻارن جا قاتل آهن، انهن ۾ ڏار وجهي ڇڏ، اي الله! مسلمانن کي هدايت فرما. امام حرم خادم حرمين شريفين شاهه سليمان بن عبدالعزيز جي صحت ۽ ولي عهد محمد بن سليمان جي لاءِ آساني جي دعا فرمائي. حج جي خطبي کان پوءِ حاجي سڳورن ميدان عرفات ۾ امام شيخ صالح بن حميد جي امامت ۾ ظهر جي نماز(حالت سفر ۾ ظهر ۽ عصر جون 2-2 رڪعتون جنهن کي قصر چيو ويندو آهي() ادا ڪيون.
