نور مقدم قتل ڪيس: بيرحم قاتل همدردي جي قابل ناهي، ظاهر جعفر جي موت واري سزا جو لکت ۾ فيصلو جاري

سپريم ڪورٽ آف پاڪستان نور مقدم قتل ڪيس ۾ ڏوهاري ظاهر جعفر جي موت واري سزا برقرار رکڻ جو لکت ۾ فيصلو جاري ڪري ڇڏيو آهي. رپورٽ موجب سپريم ڪورٽ جو تفصيلي لکت ۾ فيصلو 13 صفحن تي ٻڌل آهي، فيصلي ۾ سپريم ڪورٽ چيو آهي ته سائلنٽ وٽنس ٿيوري موجب بنا ڪنهن اکين ڏٺن شاهدين جي وڊيو، ثبوت قابل قبول نه آهن. رپورٽ موجب ثبوت پنهنجي حق ۾ ثبوت بڻجي سگهن ٿا. رڪارڊ ٿيل وڊيو يا تصويرون بطور شهادت جي طور تي پيش ڪري سگهجن ٿيون. سپريم ڪورٽ قرار ڏنو ته ڀروسي جوڳي نظام سان ورتل فوٽيج پاڻمرادو ثابتيون بڻجي سگهن ٿيون. هڪ بينڪ ۾ ڦر ڪيس ۾ وڊيو فوٽيج بنا گواهه جي قبول ڪئي وئي، آمريڪي عدالتن ۾ سائلنٽ وٽنس اصول کي وڏي پيماني تي مڃيو ويو آهي. عدالت سڳوري چيو ته جوابدار ظاهر جعفر نور مقدم جو بيرحم قاتل آهي، همدردي جي قابل نه آهي، ٻنهي هيٺين عدالتن جو فيصلو گڏيل طور تي صحيح قرار ڏنو وڃي ٿو. جوابدار طرفان نور مقدم تي جسماني تشدد جي وڊيو ثبوت جي طور تي پيش ڪئي وئي. سپريم ڪورٽ چيو ته سي سي ٽي وي فوٽيج ڊي يو آر بارڊ ڊسڪ قبول ڪرڻ جوڳيون شهادتون آهن، وڊيو رڪارڊنگ ۾ ڪابه ترميم ثابت ناهي ٿي، جوابدار جي سڃاڻپ صحيح نڪتي، ڊي اين اي رپورٽ ۾ زيادتي جي تصديق ٿي، قتل ۾ استعمال ٿيندڙ اوزار تي مقتوله جو رت موجود آهي. عدالت سڳوري پنهنجي فيصلي ۾ چيو ته جوابدار نور مقدم جي موجودگي جي ڪابه وضاحت نه ڏئي سگهيو، ڊيجيٽل شاهديون هاڻ بنيادي شهادت جي طور تي مڃيون وينديون جيڪڏهن سي سي ٽي يو فوٽيج مقرر معيار تي پورا لٿا ته تصديق جي ضرورت ناهي. لکت واري فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته ظاهر جعفر جي قتل ۾ موت جي سزا برقرار آهي، جڏهن ته زيادتي جي سزا عمر قيد ۾ تبديل ڪئي ويندي آهي، مُک جوابدار ظاهر جعفر ذاڪر کي اغوا جي الزام مان بري قرار ڏنو وڃي ٿو. عدالت سڳوري چيو ته نور مقدم کي غيرقانوني طور تي پنهنجو پاڻ وٽ رکڻ تي ظاهر جعفر جي سزا برقرار آهي، شريڪ جوابدارن محمد  افتخار ۽ محمد جان جون سزائون به برقرار رهنديون. سپريم ڪورٽ شريڪ جوابدارن سان نرمي ڪندي سزائون گهٽ ڪندي جيتري قيد ڪاٽي آهي انهي کان پوءِ کين آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏنو. لکت واري فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته جسٽس علي باقر نجفي فيصلي جي حوالي سان پنهنجو اضافي نوٽ جاري ڪندو.