پنجاب:: هارين جي ترقياتي فنڊ لاءِ جاري ڪيل 20 ارب روپين کان وڌيڪ رقم روڪڻ جو انڪشاف

  پنجاب ۾ هارين جي ترقياتي فنڊ جي 20 ارب روپين کان وڌيڪ جي رقم غيرقانوني طور تي روڪڻ جو انڪشاف سامهون اچي ويو آهي. آڊيٽر جنرل جي رپورٽ 25-2024 ۾ انڪشاف ٿيو آهي ته هارين جا 20 ارب روپين کان وڌيڪ جا فنڊ غير قانوني طور تي روڪيا ويا آهن جيڪي ڪمند جي ترقياتي سيس قائدن 1964 جي کليل ڀڃڪڙي آهي. رپورٽ موجب ناڻي کاتي اربين روپين جو فنڊ لاڳاپيل ڊسٽرڪٽ ڪوآرڊينيشن آفيسر کي جاري ناهي ڪيو، قاعدن موجب اهو فنڊ ضلعي سطح تي ترقياتي  منصوبن تي خرچ ٿيڻو هو. آڊٽ رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته منظوري کان سواءِ فيصل آباد جي ڊسٽرڪٽ اڪائونٽس آفيسر 5.52 ڪروڙ ۽ وهاڙي جي ڊسٽرڪٽ اڪائونٽس آفيسر 2.86 ڪروڙ روپين  جون غيرقانوني ادائيگيون ڪيون. آڊيٽر جنرل جي رپورٽ موجب قائدن موجب وصولي تي لڳندڙ 2 سيڪڙو وصولي چارجز جو بجيٽ ۾ تعين نه ڪيو ويو. آڊيٽر جنرل آفيس رپورٽ ۾ سفارش ڪئي ته روڪيل 20 ارب روپين کان وڌيڪ فنڊ کي فوري طور تي لاڳاپيل ضلعي ترقياتي فنڊز ۾ منتقل ڪيو وڃي ۽ غيرقانوني ادائيگين جي جاچ ڪري رقم واپس ورتي وڃي، ذميوارن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.