45

“تنگواڻي لڳ هٿياربندن جي فائرنگ: نوجوان ابرار لاشاري قتل، وارثن جو ڌرڻو، هاءِ وي بند”

تفصيل موجب تنگواڻي ٿاڻي جي حد م گذريل رات دير سان نامعلوم هٿياربندن جي ڪار کي بيهڻ جو اشارو ڪيو نه بيهارڻ تي هٿياربندن جي فائرنگ جنهن جي نتيجي م گوليون لڳڻ سبب نوجوان ابرار لاشاري ٿڏي تي قتل جڏهن ته ٻه ڄڻا زخمي ٿي پيا اسپتال منتقل لاش پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو وارثن لاش ڪنڌڪوٽ ٺل انڊس هاءِ وي تي رکي ڌرڻو هڻي ويهي رهيا پوليس جي خلاف سخت نعريبازي ڪئي وئي ڌرڻي سبب سنڌ پنجاب سرحد بلوچستان ڏانهن ايندڙ ويندڙ گاڏيون بيهجي ويون مسافر سخت پريشان رهيا ڌرڻي م سياسي سماجي اڳواڻن شھرين وڏي انگ م شرڪت ڪئي ان دوران جي يو آئي اڳواڻ مولوي محمد صلاح ملڪ ۽ ايس يوپي اڳواڻ ڪامريڊ رحمدل لاشاري ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته شھر جي امن امان بلڪل خراب ٿي چڪو آهي اسان روز نوجوانن جا لاش کڻي کڻي ٿڪي پيا ھون خدارا تنگواني جي عوام تي رحم ڪيو وڃي ھوڏانھن شھيد ابرار لاشاري جي والد فدا لاشاري آنھون ۽ دانهون ڪندي چيو رھزنن بي ڏوھ منهنجي نوجوان پث ابرار لاشاري کي شھيد ڪري مونسان ظلم ڪيو ويو ان سنڌ حڪومت آ۽ جي سنڌ ۽ ٻين وس وارن کان مطالبو ڪيو ته شھيد ابرار لاشاري جي قاتلن کي گرفتار ڪري سخت سزا ڏنو وڃي

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو