33

ايران_اسرائيل جنگ: عالمي مارڪيٽ ۾ ڪچي تيل جي اگهن ۾ وڏي واڌ

اسرائيل طرفان ايران تي ٿيل حملن کان پوءِ عالمي مارڪيٽن ۾ ڪچي تيل جي قيمتن ۾ تيزيءَ سان واڌ رڪارڊ ڪئي وئي آهي، جنهن سبب مارڪيٽ ۾ بيچيني وڌي وئي آهي. پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽن موجب، ايران ۽ اسرائيل وچ ۾ جنگي صورتحال پيدا ٿيڻ کان پوءِ عالمي سطح تي تيل جي قيمتن ۾ 7 سيڪڙو تائين واڌ ٿي آهي. رپورٽ موجب، برينٽ آئل جي قيمت ۾ 7.4 سيڪڙو واڌ ٿي آهي، جنهن کانپوءِ برينٽ آئل جي نئين قيمت 74.46 ڊالر في بيرل تي پهچي وئي آهي، جڏهن ته ڪروڊ آئل جي قيمت ۾ 5.7 سيڪڙو واڌ رڪارڊ ڪئي وئي آهي، جنهن کانپوءِ ان جي قيمت 73.15 ڊالر في بيرل ٿي وئي آهي. ماهرن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن ڇڪتاڻ وڌي ته توانائي جي عالمي فراهميءَ تي اثر پئجي سگهي ٿو، جنهن سبب قيمتون وڌيڪ وڌڻ جو امڪان آهي.

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو