پاڪستان ۾ پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ واڌ جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي. اسرائيل ايران جنگ سبب عالمي سطح تي تيل جي قيمتن ۾ اضافو ٿيو آهي جنهن جي ڪري پاڪستان ۾ به قميتن ۾ اضافي جو امڪان آهي. اسرائيل جي ايران تي حملي کان پوءِ عالمي منڊي ۾ پيٽرول جي قيمت 71.81 ڊالر في بيرل مان وڌي 73.79 ڊالر ۽ هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي قيمت 76.14 ڊالر مان وڌي 78.68 ڊالر في بيرل ٿي وئي آهي. بزنس رڪارڊ موجب ماهرين جو چوڻ آهي ته 16 جون 2025 کان پيٽرول جي قيمت ۾ 4.38 روپيه في ليٽر ۽ ڊيزل جي قيمت ۾ 5.02 روپيه في ليٽر اضافو ٿي سگهي ٿو. موجوده اندازن موجب پيٽرول جي لاڳت 137.02 روپين مان وڌي 141 روپيه في ليٽر ۽ ڊيزل 140.92 روپين مان وڌي 145.58 روپيه في ليٽر ٿيڻ جو امڪان آهي.
