) گلگت ۾ ڄاڃين جي گاڏي خوفناڪ حادثي جو شڪار ٿي وئي آهي جنهن جي نتيجي ۾ گهوٽ سميت 6 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن. ريسڪيو اختيارين موجب چهلت نگر ۾ افسوسناڪ حادثو پيش آيو جتي ڄاڃين جي گاڏي درياءَ ۾ ڪري پئي، حادثي ۾ گهوٽ سميت هڪ ئي خاندان جا ڇهه ڄڻا فوت ٿي ويا آهن. ريسڪيو اختيارين موجب گهوٽ ڄاڃين سان ڪنوار وٺڻ لاءِ وڃي رهيو هو ته موڙ ڪاٽيندي گاڏي درياءَ ۾ ڪري پئي، هن وقت تائين ٽن ڄڻن جا لاش ڪڍيا ويا آهن، ٻين لاشن کي ڪڍڻ لاءِ ريسڪيو جو آپريشن جاري آهي.