43

فيلڊ مارشل عاصم منير جو آمريڪا جو سرڪاري دورو، پاڪستاني ڪميونٽي سان ملاقات

 فيلڊ مارشل سيد عاصم منير آمريڪا جي سرڪاري دوري دوران واشنگٽن ڊي سي ۾ رهندڙ پاڪستانين سان ملاقات ڪئي، هن پرڏيهي پاڪستانين جي ڪردار جي تعريف ڪندي چيو ته پرڏيهي پاڪستاني ملڪ جا سفير آهن. آءِ ايس پي آر موجب پرڏيهي پاڪستانين طرفان فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جو پرجوش استقبنال ڪيو ويو، آرمي چيف سان ملاقات لاءِ وڏي انگ ۾ پرڏيهي پاڪستاني جمع ٿيا. پرڏيهي پاڪستانين آپريشن بنيان مرصوص جي دوران هٿياربند فوج جي شاندار ڪارڪردگي، انهي جي بهادري ۽ پيشه وارانه صلاحيتن کي به خراج تحسين پيش ڪيو. انهي موقعي تي آرمي چيف پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستانين کي پاڪستان جو حقيقي سفير قرار ڏيندي انهي جي ڪردار جي تعريف ڪئي. هن پاڪستاني معيشت، عالمي سطح تي پاڪستان جو نالو، ناٽي جي مٽا سٽا، سرمائيڪاري ۽ ٻين شعبن ۾ انهن جي اعليٰ ڪارڪردگي کي  قدر جوڳو قرار ڏنو. پرڏيهي پاڪستانين آرمي چيف سان پنهنجا تجربا ۽ تجويزون به شيئر ڪيون، جنرل عاصم منير انهن سان مسلسل رابطي ۽ تعاون کي وقت ضرورت قرار ڏنو ۽ گڏيل چيلنجز کي منهن ڏيڻ ۽ گڏيل  تعاون کي هٿي ڏيڻ تي به زور ڏنو. اها ملاقات نون ارادن ۽ وابستگي سان اختتام پذير ٿي جنهن ۾ آرمي چيف ۽ پرڏيهي پاڪستانين هڪ محفوظ، خوشحال ۽ مضبوط پاڪستان جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جو ارادو ظاهر ڪيو.

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو