49

حڪومت جو عوامي مطالبي تي وڏو فيصلو: سولر پينل تي لڳايل ٽيڪس گهٽ ڪرڻ جو اعلان

نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار چيو آهي ته سولر سسٽم لاءِ 46 سيڪڙو مال درآمد ڪيو ويندو آهي. سولر پينل تي 18 سيڪڙو ٽيڪس کي 10 سيڪڙو تي آڻڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، سولر پينل تي 18 سيڪڙو ٽيڪس کي 10 سيڪڙو تي آڻڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. سينيٽ ۾ خيالن جو اظهار ڪندي هن چيو ته پاڪستان جي معيشت روزاني مستحڪم ٿي رهي آهي  حڪومت بجيٽ جي حوالي سان ڪجهه تجويزن تي نظر ثاني ڪئي آهي. اسحاق ڊار چيو ته ڊيجيٽل ٽيڪس جي حوالي سان غلط فهمي پيدا ڪئي پئي وڃي. ڊيجيٽل سروسز جي حوالي سان سيلز ٽيڪس صوبن جو حق هوندو. هن چيو ته چئني صوبن ۾ پي آءِ ڊي سي ايل منصوبا مڪمل ڪيا ويندا، پي ڊبليو ڊي جو متبادل پي آءِ ڊي سيل ايل آهي، آءِ ايم ايف سان روينيو نقصانن تي ڪنٽرول ڪرڻ بابت ڳالهيون جاري آهن. نائب وزيراعظم چيو ته سولر سسٽم لاءِ 46 سيڪڙو مال درآمد ڪيو ويندو آهي. هن چيو ته سولر پينل تي 18 سيڪڙو ٽيڪس کي 10 سيڪڙو تي آڻڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. اسحاق ڊار چيو ته سنڌ جي يونيورسٽي لاءِ فنڊ وڌائڻ جو فيصلو ٿيو آهي، اسان سڀني گڏجي ملڪ کي اڳيان کڻي وڃڻو آهي. هن چيو ته بجيٽ جي حوالي سان اتحادين سان مشاورت جو سلسلو جاري آهي. گذريل ڏينهن اتحادين سان بجيٽ تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي آهي. هن وڌيڪ چيو ته ڪالهه ٻن درجن کان وڌيڪ او آءِ سي ملڪن هڪ بيان جاري ڪيو آهي، اهڙن سمورن ملڪن اسرائيل جي ايران تي حملي جي مذمت ڪئي آهي. هن چيو ته اهو بيان اهڙن سمورن ملڪن طرفان گڏيل طور تي سامهون آيو آهي.

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو