51

ايران اسرائيل ۽ غزه جي وچ ۾ جيڪو ڪجهه هلي رهيو آهي انهي ۾ آمريڪا جو ڪردار مايوس ڪندڙ آهي: ملاله يوسفزئي

 نوبل انعام يافته ۽ سماجي ڪارڪن ملالا يوسفزئي چيو آهي ته اسرائيل ۽ ايران جي وچ ۾ جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي يا غزه ۾ جيڪو ڪجهه هلي رهيو آهي انهي ۾ آمريڪا جو ڪردار انتهائي مايوس ڪندڙ آهي. تازو ئي ملالا برطانوي اخبار فنانشل ٽائمز لائيو جي بزنس سمٽ ۾ شرڪت ڪئي جتي هن پنهنجي  زندگي جي جدوجهد سميت عورتن جي تعليم ۽ انهي جي حقن جون ڳالهيون ڪيون. ڳالهين دوران ميزبان ملاله کان سوال ڪيو ته ڇا اوهان آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ کي ڪو پيغام ڏيڻ چاهيون ٿيو؟ جواب ۾ ملالا چيو ته جيڪو ڪجهه هن وقت دنيا ۾ هلي رهيو آهي اسان سڀني کي چڱي ريت خبر آهي. هن وقت هتي ويٺل اسان عورتون بزنس جي باري ۾ ڳالهيون ڪري رهيون آهيون سڀني کي سٺو به لڳي رهيو آهي پر هن ڪمري کان ٻاهر ويندي ئي اسان تمام گهڻين پريشانين ۾ گهيريل هونداسين جيئن جيڪو ڪجهه دنيا ۾ هلي رهيو آهي. ملالا چيو ته جيڪو ڪجهه اسرائيل ۽ ايران جي وچ ۾ ٿي رهيو آهي يا جيڪو غزه ۾ هلي رهيو آهي يا افغانستان جي عورتن سان جيڪو سلوڪ ڪيو پيو وڃي، اها فهرست ائين ئي جاري رهندي. جيڪڏهن اسان آمريڪا جو انهن سڀني معاملن ۾ ڪردار ڏسنداسين ته اهو انتهائي مايوس ڪندڙ آهي. آمريڪا وٽ جيڪا طاقت آهي يا جيڪو هو اثر رکي ٿو اهو امن قائم ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو آهي. آمريڪا استحڪام ۽ انساني حقن جي حفاظت ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو آهي. هن چيو ته مان اميد ڪريان ٿي ته آمريڪا سڀني کان پهريان افغانستان ۾ موجود عورتن جي حقن جي لاءِ ڪجهه قدم کڻندو ۽ عالمي سطح تي طالبان تي دٻاءُ وجهندو، عورت ايڪٽيوسٽ سان گڏ بيٺل هوندو. مان اميد ڪريان ٿي ته آمريڪا اسرائيل طرفان غزه تي ڪيل نسل ڪشي بابت ڪجهه ڪندو ۽ اسرائيل کي جنگبندي تي راضي ڪندو. ملالا وڌيڪ چيو ته آمريڪي حڪومت جي هٿ ۾ گهڻو ڪجهه آهي، اهي ماڻهن جون زندگيون بچائي سگهن ٿا ۽ انهن کي بچائڻ به گهرجن، منهنجو اهو پيغام آمريڪا جي نالي آهي. انهي کان علاوه فيڪٽ چيڪ تي ڳالهيون ڪندي هن چيو ته ماڻهو فيڪٽ چيڪ ڪرڻ کان سواءِ ڪجهه به ڳالهائڻ ۽ لکڻ شروع ڪري ڇڏيندا آهن جيئن منهنجي  باري ۾ چيو ويو ته مون غزه  ۾ ٿيل ظلمن تي ناهي ڳالهايو اهڙو ڪجهه به نه هو، مان ڪيترائي ڀيرا غزه جي ماڻهن لاءِ ڳالهائي چڪي آهيان.

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو