32

ايف بي آر کي نان فائلرز کي زبردستي رجسٽرڊ ڪرڻ جو اختيار ملي ويو

 حڪومت ايف بي آر کي نان فائلرز کي زبردستي رجسٽرڊ ڪرڻ جو اختيار ڏئي ڇڏيو آهي. وفاقي حڪومت جي مالي تجويزن کي پهرين جولاءِ 2025 کان لاڳو ڪرڻ ۽ ڪجهه قانون ۾ ترميم جي لاءِ منظور ٿيل فنانس بل جي تحت ٽيڪس نيٽ ۾ واڌ جي لاءِ سخت قدم متعارف ڪيا ويا آهن. اهڙن قدمن جي تحت جيڪڏهن ڪوبه شخص جيڪو سيلز ٽيڪس ايڪٽ جي تحت رجسٽريشن جو اهل آهي پر رضاڪارانه طور تي رجسٽريشن نٿو ڪرائي ته ايف بي آر جو لاڳاپيل آفيسر يا ڪمشنر ان لينڊ روينيو پنهنجي جاچ جي بنياد تي اهڙي شخص کي زبردستي رجسٽرڊ ڪندو. انهي سان گڏوگڏ 2 نيون شقون 14 اي سي ۽ 14 اي ڊي شامل ڪيون ويون آهن جنهن موجب نان فائلرز ۽ رجسٽريشن کان انڪار ڪندڙن جي خلاف سخت ڪارروائي عمل ۾ آندي ويندي. رپورٽ موجب شق 14 اي سي جي تحت ڪمشنر کي اختيار هوندو ته اهو ڪنهن به غير رجسٽرڊ ماڻهو جي بينڪ اڪائونٽ کي لکت ۾ حڪم نامي جي ذريعي بند ڪرائي سگهي ٿو ۽ رجسٽريشن کان پوءِ ئي اها پابندي ختم ڪئي ويندي.

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو